سانگهڙ: چڪ نمبر 81 مان 16 ورهين جو نوجوان دلبر ڀيل وڻ سان ڦاهو لڳل حالت ۾ فوت، پوليس جاچ شروع

Spread the love

سانگھڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ويجهو منگلي ٿاڻي جي حد چڪ نمبر81 مان سورهن ورهين جو دلبر ڀيل جو ڦاهو لڳل لاش هٿ، اھڙي واقعي جو پوليس کي اطلاع ملڻ کانپوءِ پوليس گھر جي ويجهو وڻ سان لٽڪندڙ لاش کي لهرائي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، سندس والد جو چوڻ هو دلبر ڀيل گھران گاھ ڪرڻ لاءِ ويو هو، پاڙيسرين جي ٻڌائڻ تي اسان وڃي ڏٺو ته لاش وڻ سان لٽڪيل هو،

منگلي پوليس جو چوڻ ھو اسان لاش کي ضروري ڪاروائي لاء سول اسپتال منتقل ڪيو آهي ان واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون، اسان وٽ اڃا تائين ڪوبه ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ نه آيو آهي، اسان وٽ جيڪڏهن فريادي ڪيس داخل ڪرائڻ ايندو ته ڪيس داخل ڪنداسين. جڏھن ته واقعي جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي،

جُون 26, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو