سانگهڙ: مٺڙائو ڪئنال ۾ ٻڏي ٽي نوجوان فوت، ٻن سڳن ڀائرن سميت هڪ سوٽ شامل، شهر ۾ سوڳ جو ماحول
سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو)سانگهڙ ويجهو مٺڙائو ڪئنال ۾ مبينه طور وهنجڻ دوران ٻن سڳن ڀائرن سميت ٽي ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا، اھڙي واقعي جي اطلاع تي علائقي واسين ۽ علائقي جي ٽوٻن پهچي ٽنھي ڳڀرو نوجوان جا لاش واه مان هٿ ڪري ورتا، واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي ٽنھي فوتين جا مڙھ ضروري ڪاروائي لاء سول اسپتال سانگهڙ پهچايا،
جتي انهن جي سڃاڻپ 16 سالا راشد ولد محمد رحيم خاصخيلي ۽ ٻن ڀائرن ڏه سالا رحمان خاصخيلي ۽ 12 سالا محمود خاصخيلي طور ڪئي وئي جيڪي سانگهڙ شهر جي خاصخيلي پاڙي جا رهواسي ٻڌايا، هوڏانهن واقعي جي اطلاع بعد فوتين جا وارث ۽ شهري وڏي انگ ۾ سول سپتال پهچي ويا، پوليس جو چوڻ هو ته ٻڏي ويل ٽن جڻن جا مڙه ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويندا.
اھڙي واقعي جي اطلاع بعد فوتين جي گهرن ۾ قهرام مچي ويو، وارثن موجب ٽيئي ڄڻا گھر مان شھر ڏانھن وڃڻ جو چئي گهران نڪتا هئا جيڪي مٺڙائو ڪئينال ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا. ٻڏي فوت ٿيلن ۾ ٻه سڳا ڀائر ۽ هڪ سوٽ پڻ شامل آهي. ٻئي پاسي عوامي حلقن موجب واھن تي وھنجڻ تي 144 لڳل آهي پر انتظاميه عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي جنھن ڪري اھڙا واقعا پيش اچي رھيا آھن.
جُون 26, 2025