تيز رفتار ٽرڪ موٽر سائيڪل سوار فيملي کي چيڀاٽي ڇڏيو، عورت سميت 4 ڄڻا فوت

وزير آباد (ويب ڊيسڪ) وزيرآباد ۾ ٽرڪ جي موٽر سائيڪل کي ٽڪر ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ريسڪيو اختيارين موجب جي ٽي روڊ تي ٽرڪ موٽر سائيڪل سوار فيملي کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورت ۽ ٻن ٻارن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ عورت زخمي ٿي پئي.
اختيارين ٻڌايو ته فوتين ۾ 22 ورهين جو دانش، 20 ورهين جي ڪومل، 4 ورهين جو عبدالوهاب ۽ ٻه ورهين جي ٻارڙي شامل آهي.
موٽر سائيڪل سوار فيملي گوجرانوالا کان گجرات وڃي رهي هئي.