ايل ايل بي پروگرام هاڻ ڪيترن سالن جو هوندو؟ عدالت مان وڏو حڪم اچي ويو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ايل ايل بي پروگرام 5 سالن مان گهٽائي 4 سال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ ۾ ليگل ايجوڪيشن ريفارمز ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت ايل ايل بي پروگرام 5 سالن مان گهٽائي 4 سال ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
عدالت ٻاهرئين ملڪ مان قانون جي تعليم حاصل ڪندڙن لاءِ سي لا جي ٽيسٽ ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
جسٽس محمد علي مظهر چيو ته لا ڪاليجز جو معيار بهتر ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن، ايس ايم لا ڪاليج ۾ سهولتون ناهن ته مسئلو حل ڪيو نه ته ڪاليج بند ڪري ڇڏيو، اهو ڪاليج ته پاڪستان جي قيام کان به اڳ جو آحي.

جُون 26, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو