پاڪ-ڀارت جنگ کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي اهم اڳواڻن ۾ ملاقات جو امڪان

Spread the love

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) پاڪ-ڀارت تازي ڇڪتاڻ کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي بچاءَ وارن وزيرن جي وچ ۾ پهرين ملاقات جو امڪان آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، پاڪستان ۽ ڀارت جي بچاءَ وارن دفاع جي امڪاني ملاقات چين ۾ اربع کان شروع ٿيندڙ ايس سي او جي ٻن ڏينهن واري اجلاس دوران ٿي سگهي ٿي.
ايس سي او اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي اڳواڻي بچاءُ واري وزير خواجا آصف ڪندو، جيڪي چين پهچي چڪو آهي، جڏهن ته ڀارتي دفاع واري وزير راج ناٿ سنگهه به اعليٰ سطحي وفد سان گڏ اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، جتي هو چين، روس ۽ ٻين ملڪن جي هم منصبن سان به ملاقاتون ڪندو.
ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته خواجا آصف ۽ راج ناٿ سنگهه وچ ۾ ڪا به ملاقات طئي نه آهي.
ترڪ ميڊيا موجب، ايس سي او اجلاس ۾ علائقائي ۽ عالمي سلامتي، دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ سهڪار ۽ فوجي رابطا وڌائڻ تي به غور ڪيو ويندو.

جُون 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو