پاڪ-بنگلاديش ٽي ٽوئنٽي سيريز جو شيڊيول پڌرو

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) بنگلاديش خلاف ٽن ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ميچن جي سيريز جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو .
پي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 16 جولاءِ تي بنگلاديش رواني ٿيندي.
پاڪ-بنگلاديش سيريز جي پهرين ميچ 20 جولاءِ تي ڍاڪا جي شيرِ بنگلا نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي، ٻي ميچ 22 ۽ ٽئين ۽ آخري ميچ 24 جولاءِ تي ڍاڪا ۾ ئي شيڊيول هوندي.
ٽئي ميچون پاڪستاني معياري وقت موجب شام پنجين وڳي شروع ٿينديون.

جُون 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو