وچ اوڀر ۾ ٿيل جنگ بندي: ڪنھن ڪھڙو مقصد حاصل ڪيو؟

Spread the love

وچ اوڀر  ۾ ايران تي مڙھيل جنگ بابت اعلان ٿيو آھي تھ ان ۾ جنگبندي ٿي وئي آھي.اھڙو اعلان سومر ۽ اڱاري واري آڌ رات جو آمريڪا جي صد ڊونلڊ ٽرمپ سول ميڊيا تي ڪيو. ان کان اڳ ميڊيا موجب ڌرين سان آمريڪي اتظاميا رابطو ڪيو ھو.جنھن ۾ اسرائيل ۽ ايران ان کي قبول ڪيو پر  جنگبندي جي طئي ٿيل وقت کان اڳ ٻنھي ڌرين ھڪ خلاف حملا ڪيا. جنھن بعد ٻنھي ھڪ ٻئي تي جنگبندي جي ڀڃڪڙين جا الزام بھ ھنيا.اھو سلسلو اڱاري واري ڏينھن بھ جاري رھيو، جنھن ڪري ٻيھر صدر ٽرمپ کي ٻنھي ڌرين کي سخت سان جنگ بندي تي عمل ڪرڻ لاءِ پابند ڪرڻ جي لاءِ چيو ويو. ان وچ ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي آمريڪي صدر اسرائيل ۽ ايران مان “خوش نھ ھئڻ“ واري ڳالھھ بھ ڪئي.

سومر واري شام ايران  قطر ۾ آمريڪي ائير بيس تي حملو ڪيو ھو.اھو حملو ايران جي ٽن جوھري ھنڌن تي آمريڪا جي ڪيل حملي جي جواب ۾ ھو.جيتوڻيڪ ٻنھي ڌرين اھي حملا ھڪ ٻئي کي اڳواٽ اطلاع ڏئي ڪري ڪيا ھئا.جنھن ڪري ميڊيا ۾ اھڙي ڪارروائي کي ”نوراڪشتي“ قرار ڏنو پيو وڃي.

وچ اوڀر ۾ فلسطين يعني غزا جي مسئلي حل ٿيڻ تائين امن تھ ٿي نٿو سگھي. پر ايران اسرائيل جنگي تڪرار جي جاري حملن ۾ آيل ٺاپر بعد ان کي ھڪ مثبت عمل قرار ڏنو پيو وڃي.جيتوڻيڪ ان جنگ بندي بابت ھن وقت تائين ڪي تفصيل سامھون نھ آيا آھن.جنھن ۾ ڪجھه وقت لڳندو.

اسرائيل ايران تي ان وقت حملو ڪيو ھو جڏھن غزا ۾ حماس جي ڪيل ڪارروائي جي موٽ ۾ اسرائيل غزا کي ناس ڪري ڇڏيو آھي. شام ۾ رجيم چينج ڪئي وئي آھي، لبنان ۾ حزب الله جي اھم اڳواڻ  حسن نصرالله کي ماريو ويو آھي.ايران انھن تبديلن جي ڪري گھڻو سوڙھو ٿي ويو ھو.جنھن ڪري اسرائيل ھڪ رٿابندي سان ايران تي حملو ڪري ڏنو.جنھن ۾ شروع ۾ ئي ايران جي اھم فوجي ڪمانڊرن ۽ جوھري سائنسدانن کي ماريو ويو.پھرين ڏينھن جي ايڏي وڏي ڪارروائي جنھن ايران کي ھڪ صدمي ۾ وجھي ڇڏيو. ان ڪري اسرائيل توڻي آمريڪا جو خيال ھو تھ ايران شايد ڪو جواب ڏئي نھ سگھي. ممڪن آھي ڪنھن جي من ۾ اھو بھ خيال ھجي تھ ايران ۾ اندران ڪا تبديلي اچي وڃي. ايران جو تختو اونڌو ٿي وڃي ۽ قصو ئي پورو ٿي وڃي.

ايران ڪنھن اڪيلي سر پنھنجي ان صدمي مان نڪري ڪري پنھنجي ھٿيارن پنھوارن کي ساري سنڀالي جو جوابي وار ڪرڻ شروع ڪيا تھ اسرائيل وائڙو ٿي ويو. اسرائيل جا ماڻھو خوف ۾ مبتلا ٿي ويا.اھڙي ردعمل جي توقع نھ ھئي شايد اسرائيل کي جنھن ڪري اسرائيل آمريڪا کي جنگ ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جنھن ۾ اھو ڪامياب پڻ ٿي ويو.

ايران پاران آمريڪي حملي جي جواب ۾ قطر تي ائير بيس تي ميزائل فائر ڪيا ويا.جنھن بعد ھاڻي صورتحال اھي ھئي تھ يا تھ جنگ ڊگھي ڪئي وڃي يا وري جنگبندي ڪئي وڃي.ميڊيا جي رپورٽس مان جيڪو ڪجهھ ظاھر ٿي رھيو آھي تھ ايران ۽ آمريڪا جي ھڪ ٻئي تي حملن جو اصل مطلب ”شرم کي پرچائڻ “ يعني فيس سيونگ ھو.جنھن سان ڌرين پنھنجي ماڻھن کي اھو باور ڪرايو ھوندو تھ انھن وڏو ڪمال ڪيو آھي.

بھرحال ھاڻي جيڪڏھن ڌريون ھڪ ٻئي خلاف ڪنھن ڊگھي جنگ ڏانھن وڌي رھيون ھيون تھ ان سان انھن کي نقصان وڌيڪ ۽ فائدو گھٽ رسي ھا. تنھن ڪري، ٽنھي ملڪن ۽ ٻنھي ڌرين جي خواھش ھئي تھ جنگ بند ٿئي.

دنيا ۾ عالمي قوتن جي سياست جا رنگ ئي جدا آھن.ھن وقت دنيا جو طاقتور ملڪ آمريڪا عالمي قانونن جي سرعام لتاڙ ڪري رھيو آھي.گڏيل قومون بھ ان جو ڪجھ بگاڙي نٿيون سگھن،ميڊيا ۾ آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي غيرراوئتي اڳواڻ طور مٿي کنيو پيو وڃي.جڏھن راند جي ڪي اصول نھ ھجن تھ ان جي اڳڪٿي ڪرڻ مشڪل عمل آھي.

جئين جنگ شروع ڪرڻ جي لاءِ اسرائيل ۽ آمريڪا وٽ ان جا سبب ھئا، ائين جنگبندي جي بھ وٽن سبب ضرور ھوندي، جيتوڻيڪ انھن جو زميني حالتن سان ٺھڪندڙ ھجڻ ڪو گھڻو ضروري نھ آھي.

ڪنھن بھ جنگ بند ٿيڻ بعد ان ۾ شامل ڌر مان ھر ڪا اھا دعويٰ ڪندي آھي تھ ھن جي سوڀ ٿي آھي.جيڪڏھن ان لحاظ سان ڏسجي تھ ھن جنگ ۾ مالي ۽جاني نقصان تي ايران جو وڌيڪ ٿيو آھي، پر اسرائيل جي مڳي ۽غرور ڍير ٿي ويو آھي ۽ سندس ھوائي دفاعي نظام سميت ڪنھن کان کٽي نھ سگھجندڙ ملڪ واري ڏند ڪٿائي افساني مان ھوا نڪري وئي آھي.نھ رڳو ايترو پر آمريڪا ۽ اسرائيل جي دوغلائپ بھ وائکي ٿي ويئي آھي.جنھن ڪري دنيا ۾ انھن جي ساک پت پڻ مٽي ۾ ملي وئي آھي.

اسرايئل اھو چئي جنگ شرو ع ڪئي ھئي تھ ايران جوھري پروگرام ايٽمي ھٿيار ٺاھڻ جي ويجھو پھچي ويو آھي.ڇا اھي مقصد آمريڪا جي مدد سان اسرائيل حاصل ڪري سگھيو آھي ؟  يا حقيقت ۾ ايران وٽ موجود يورينيم رچاءُ جي ويجهو ھو بھ يا نھ ؟ ميڊيا موجب اين پي ٽي، جھڙي عالمي اداري جي ۾ شامل ايران جو جوھري پروگرام 60 سيڪڙو ميچوئر ھو. اي اي آءِ اي. پڻ ان بابت چٽو ڪيو ھو تھ ايران يورينيم جي انرچمينٽ جي ايترو ويجھو نھ آھي. ان ھوندي اسرائيل اھڙي ڪارراوئي ڪئي. آمريڪا جي ڪارروائي ۾ دعويٰ ڪئي وئي تھ ايران جي ٽنھي ايٽمي سائٽس کي ختم ڪيو ويو آھي. جڏھن تھ ايران  جي حوالي سان ميڊيا جي رپورٽ آھي  تھ ايران يورينيم جو 60 سيڪڙو رچايل مواد ڪنھن نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آھي. ھاڻي اسرائيل دعويٰ ڪندو تھ سندس ھدف مڪمل ٿي ويو آھي. آمريڪا کي جنگ ۾ شامل ڪري اسرائيل اھا بھ ڪاميابي حاصل ڪئي. آمريڪا بھ اھو سمجھي ٿو تھ ان ايران جي ايٽمي قوت کي ختم ڪري ڇڏيو آھي.

ايران جنگ ۾ مالي طور،سياسي طور، فوجي لحاظ سان وڏو نقصان سٺو آھي.پر فوري جنگ بندي سان ايران ۾ رجيم چينج واري خطري کان بچاءِ ٿي ويو آھي. ممڪن آھي جنگ ڊگھي ٿيڻ سان ھر ڌر کي نقصان رسي ھا ھاڻي ھر ڌر ان کي پنھنجي ڪاميابي قرار ڏئي خوش ٿي سگھي ٿي

جُون 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو