سڪرنڊ: ناجائز حد دخلين خلاف اي سي رميز راجا جي ڪارروائي، صندل، ريڙها ۽ ڇپرا هٽايا ويا
سڪرنڊ(رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ شهر ۾ ناجائز حد دخلين خلاف اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ رميز راجا پوليس نفري ۽ ٽائون عملو ساڻ ڪري ڪارروائي ڪئي. ريڙھا ۽ صندل هٽايا ويا ۽ دڪانن اڳيان وڌيل ڇپرا ڪيرايا ويا. ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وڪيل مڪيش ڪمار اوڏ پاران حد دخلين خلاف ڪورٽ ۾ درخواست ڏني وئي، جنهن تي ڪورٽ پاران مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته حد دخليون ختم ڪرايان. ان سلسلي ۾ اڄ روڊن تي رکيل صندل، ريڙھا ۽ وڌيل ڇپر هٽايا پيا وڃن.
هن چيو ته دڪاندارن کي واضح چئون ٿا ته ناجائز قبضا ختم ڪيو، ٻي صورت ۾ نقصان جا ذميوار توهان خود هوندا. ٻئي پاسي شهري اتحاد سڪرنڊ جي صدر سانول ڪيريو حد دخلين خلاف جاري ڪارروائي روڪرائڻ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ کي التجا ڪئي ته دڪاندارن جو نقصان نه ڪيو. اسان وعدو ٿا ڪريون ته خود دڪاندارن کان اڏيل ڇپرا هٽرائي ڏينداسين. جنهن تي في الوقت ڪارروائي روڪي وئي آهي. جيڪڏھن شھرين پاڻمرادو حد دخليون نه ھٽايون ته ٻيھر ڪاروائي ڪئي ويندي
جُون 25, 2025