سڪرنڊ: سيد زين شاهه جو حج بعد بيان – “اسلام حق تي قائم رهڻ ۽ باطل سان مهاڏو اٽڪائڻ جو درس ڏئي ٿو”
سڪرنڊ(رپورٽ :فقير راج ڪماراوڏ) سنڌو درياھ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھ چيو آهي ته اصولن ۽ ارادن تي اٽل رهڻ ، جدوجهد ڪرڻ ، حق تي قائم رهڻ ، باطل سان مهاڏو اٽڪائڻ ۽ شيطاني قوتن سان وڙھڻ جو درس اسان کي اسلام ڏنو آهي جنهن جا ڪئي پاسا حج ادا ڪرڻ دوران به ملن ٿا هُو امداد شاھ هائوس مجيد ڪيريو ۾ کيس حج ادا ڪري اچڻ بعد کيس مبارڪون ڏيڻ وقت سڪرنڊ پريس ڪلب جي وفد سان ڳالهائي رهيو هو هن چيو ته حج جي سفر تي وڃڻ سان جتي روحاني سڪون حاصل ٿيو اتي گهڻو ڪجھ سکڻ لاءِ به مليو اهائي جاءِ آهي جتي ماڻھو اڪيلو ٿي ڪري سوچي ٿو سيد زين شاھ وڌيڪ چيو ته سرڪار پاران حاجين لاءِ ڪيل سهولتون تمام بهتر هيون ايئن چئجي ته مڪمل حج ايئر ڪنڊيشن واري ماحول ۾ هو حج ادا ڪرڻ ۾ نفس ،
خواهش ۽ مال جي قرباني ڏيڻ جو پيغام آهي اسلام هڪ مڪمل دين آهي جيڪو حق تي قائم رهڻ جو سبق ڏئي ٿو مان شڪر گزار آهيان پاڪ پروردگار جو جنهن حج جي سعادت نصيب ڪئي مبارڪون ڏيندڙن ۾ سڪرنڊ پريس ڪلب جو صدر ميرمحمد ڪيريو جنرل سيڪريٽري غلام حيدر سولنگي اڳوڻو صدر رضامحمد سيال،خزانچي صحافي ولي محمد ڀٽي اڳوڻي صدر صحافي قاضي جاويد سنائي ، انفارميشن سيڪريٽري غلام نبي ملاح ، بشير لاشاري شامل هئا
جُون 25, 2025