سياسي پارٽيون ”طاقتورن“ کي خوش ڪرڻ واري ڊوڙ ۾ لڳل

Spread the love

اسلام آباد(ويب ديڪس) قومي اسيمبلي ۾ پ پ ۽ پي ٽي آئي وچ ۾ ويڙھھ وارو ماحول آھي پر صورتحال اھا آھي تھ ملڪ اندر ھن وقت اھو ماحول جڙيل آھي تھ ڪير پاڻ کان طاقتور جي ڪيتري خوشامد ڪري سگھي ٿو پر جيئن تھ اتي بھ اسپيس گھٽ آھي ان جي ڪري ھر ڌر ڪوشش ڪري رھي آھي تھ قومي اسيمبلي ۾ ڪجھھ نئون ڪري خبرن ۾ رھجي.۽ مالڪ يا طاقتور ڌريون خوش ٿين.

ن ليگ ان ڊوڙ ۾ ان جي ڪري ناھي جو انھن جيڪو دڳ ورتو اھي ان تي ھلي رھيا آهن ۽ کين اتان ڪئي ھٽائي نھ ٿو سگھي.اسرائيل ايران تڪرار ۽ آمريڪا جي ان جنگ ۾ گھڙي پوڻ واري صورتحال سبب وزيراعظم قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس گھرايو.اجلاس ۾ ايران تي اسرائيل ۽ آمريڪي حملي جي مذمت ڪندي چيو ويو تھ پاڪستان سفارتي ڪوششون جاري رکندو.ٻئي پاسي بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي خطاب ڪيو پر ان ۾ تقرير جو محور ڀارت ۽ مودي سرڪار رھي.

ھن چيو تھ مودي اگر جنگ ڪئي تھ پنجن درياھن جو پاڻي بھ پاڪستان کسي وٺندو.ان دوران پ پ  ۽ پي ٽي آئي ميمبرن ۾ منھن ماري ٿي ۽ ھڪ ٻئي تي الرون ڪيون ويون.اگر عمر ايوب کياسپيڪر مائيڪ نھ پئي ڏني تھ ان ۾ پ پ جو قصور نھ ھيو پي ٽي آئي کي تقرير ٻڌڻ گھرجي ھا.ڪافي ڏينھن کان اھا ڏي وٺ ھلي رھي آهي. اھو نياپو ڪنھن کي ڏنو پيو وڃي اھا ڳالھھ سمجھڻ جي ضرورت آھي.

وقفي بعد جڏھن پي ٽي آئي ايم اين اي نثار جٽ چيو تھ بلاول ڀٽو سفارتڪاري ۾ ڪو خاص ٻوٽو نھ ٻاري سگھيو صرف سير ڪري واپس موٽيو ناڪامي تي کيس مبارڪ ڏيان ٿو.جنھن تي پ پ جو آغا رفيق ان ڏانھن الر ڪري وڌيو جنھن تي ٻنھي پارٽي جي اڳواڻن وچ ۾ اچي جھيڙو ٽاريو ان دوران اسپيڪر کي سارجنٽ ايٽ آرمس  کي گھرائڻو پيو اھو تماشو ڪجھھ منٽ ھلندو رھيو.

ايوان ۾ صرف ڪجھھ ماڻھو ئي موجود ھئا.جڏھن ڪنھن کان پڇيم تھ اھو ڇو آھي تھ ھن چيو اھو سڀ ملڪي ماحول مطابق خوشامد ڪري اسپيس حاصل ڪرڻ جي ڪوشش آھي . سو پ پ جو آغا رفيق ۽ قادر پٽيل ھر وقت  تيار ھوندا آهن  يا شايد انھن کي چيو ويوآھي تھ پي ٽي آئي کي روڪڻو آهي.

جُون 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو