سنڌ سميت ملڪ ۾ اڄ کان برساتن جي اڳڪٿي، ٻوڏ جو خطرو، الرٽ جاري

اسلام آباد/ڪراچي (م ڊ) ملڪ جي مختلف حصن ۾ چوماسي برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي موجب برساتون اڄ کان 2 جون تائين جاري رهنديون جنهن دوران ڪجهه هنڌن تي ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو آهي جنهن سبب الرٽ جاري ڪيو ويو.
چيف ميٽرولاجسٽ ظهير بابر موجب، ڪجهه ورهين کان چوماسي نظام ۾ تبديليون ڏٺيون ويون آهن، موسمي نظام جي نتيجي ۾ ٻوڏ، لينڊ سلائيڊنگ سان واڳيل آفتن جو خطرو آهي. پي ايم ڊي موجب نار هوائون پاڪستان جي علائقن ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن، ان سان چارئي صوبا متاثر ٿيندا. برساتن سبب سنڌ جا علائقا، ڪراچي، سکر، لاڙڪاڻو، حيدرآباد، ٿرپارڪر، ميرپورخاص، ٺٽو ۽ بدين متاثر ٿيندا جتي اڄ کان 28 جون تائين آنڌاري ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. اين ڊي ايم اي پڻ ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي.
جُون 25, 2025