سکر: ڇوڪرين لاءِ سيپٽمبر ۾ شروع ٿيندڙ سروائيڪل ڪينسر ۽ ايڇ پي وي ويڪسينيشن آگاھي مهم لاءِ تياريون مڪمل

Spread the love

سکر( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ)ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو جي صدارت هيٺ صحت کاتي پاران سيپٽمبر مهيني ۾ شروع ٿيندڙ سروائيڪل ڪينسر ۽ ايڇ پي وي ويڪسينيشن بابت آگاھي مهم جي تيارين تي هڪ اهم گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي. اجلاس دوران ڊي سي سکر چيو ته آگاھي مهم جو مقصد 9 کان 14 ورهين جي ڇوڪرين ۾ خطرناڪ بيمارين کان بچاءُ،

ويڪسينيشن ۽ علاج بابت ضروري معلومات فراهم ڪرڻ آهي. ڊپٽي ڪمشنر سکر زور ڏنو ته ويڪسينيٽرز کان علاوه صحت سان لاڳاپيل ٻئي اسٽاف کي تربيت ڏئي مهم لاءِ مقرر ڪيو وڃي. هن هدايت ڪئي ته ويڪسينيشن بابت هڪ تفصيلي وڊيو تيار ڪري سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان شيئر ڪئي وڃي، ته جيئن سمجهاڻي جو عمل وڌيڪ اثرائتو بڻجي. ڊي سي سکر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي هدايتون ڏيندي چيو ته آگاھي مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي.

هن ڊائريڪٽرز ايجوڪيشن سکر کي هدايت ڏني ته سرڪاري ۽ نجي اسڪولن جي ڇوڪرين جي مڪمل لسٽ فراهم ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته مهم ۾ ٽيچرز جو ڪردار اهميت وارو آهي ۽ ويڪسينيشن کان اڳ والدين جي ڪائونسلنگ لازمي آهي. ان لاءِ ٽيچرز ۽ والدين جي گڏيل ميٽنگ ڪوٺائي وڃي. اجلاس دوران ڊاڪٽر نور سومرو پاران سروائيڪل ڪينسر ۽ ايڇ پي وي ويڪسينيشن بابت تفصيلي تعارفي بريفنگ پيش ڪئي وئي. بريفنگ مطابق 12 ڏينهن تي مشتمل هي آگاھي مهم 15 سيپٽمبر کان 27 سيپٽمبر 2025 تائين جاري رهندي، جيڪا سکر جي 5 تعلقن جي 46 يوسيز ۾ هلائي ويندي.

ڊاڪٽر نور سومرو جي بريفنگ مطابق پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي رپورٽ موجب ملڪ ۾ 15 سال يا ان کان مٿي عمر جون تقريباً 69 ملين عورتون سروائيڪل ڪينسر جي خطري ۾ آهن. سندس موجب هر سال 5,008 عورتن کي هن مرض جي سڃاڻپ ٿئي ٿي، جڏهن ته 3,197 عورتون هن بيماري سبب فوت ٿين ٿيون. عالمي صحت واري ادارو تحت سروائيڪل ڪينسر کي 15 سال جي عمر تائين ڇوڪرين کي ايڇ پي وي جي ويڪسين لڳائڻ, عورتن جو اسڪريننگ ڪرائڻ ۽ سروائيڪل ڪينسر سان متاثر عورتن کي علاج مهيا ڪرائڻ سان ختم ڪري سگهجي ٿو۔

جُون 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو