سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز لاءِ بنگلاديشي اسڪواڊ جو اعلان

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز لاءِ 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ لٽن داس جي واپسي ٿي آهي.
بنگلاديش جي اسڪواڊ ۾ مهدي حسن ميراز (ڪپتان)، تنزيد حسن، پرويز حسين ايمان، محمد نعيم، نجم الحسن شانتو، توحيد هردوئي، لٽن داس، جاڪر علي، شميم حسين، رشاد حسين، تنوير اسلام، مستفيض الرحمان، تنزيم حسن، تسڪين احمد، ناهيد رانا ۽ حسن محمود شامل آهن.
واضح رهي ته بنگلاديش ۽ سريلنڪا ۾ ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ 2 جولا، ٻي ميچ 5 جولاءِ، جڏهن ته ٽين ۽ آخري ميچ 8 جولاءِ تي کيڏي ويندي، پهريون ٻه ميچون ڪولمبو ۽ آخري ميچ پاليڪيلي ۾ ٿيندي.