دادو ۾ هٿياربندن جو صحافين تي حملو، نياز چانڊيو سخت زخمي، هڪ جوابدار مارجي ويو

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو شهر جي مصروف ترين علائقي ڪچهري روڊ ۽ اي سيڪشن ٿاڻي جي ڀرسان ڏينهن ڏٺي هٿيار بندن پريس ڪلب آڏو جاني پرنٽنگ پريس تي حملو ڪري گوليون هڻي سينيئر صحافي ۽ ٻارڙن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيم سي آر سي دادو ضلع سي او نياز چانڊيو کي گوليون هڻي شديد زخمي ڪري ڇڏيو آھي، جنهن کي نازڪ حالت ۾ دادو کان ڪراچي منتقل ڪيو ويو آھي،

 هٿيار بندن جي شديد فائرنگ ۾ دوڪان تي ويٺل صحافي رفيق احمد چنا به هڪ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيو آھي فائرنگ جي اطلاع تي پوليس پهتي ته هٿياربندن ۽ پوليس وچ ۾ پڻ فائرنگ ٿي جنهن ۾ هڪ ڄڻو محمد علي پٽ رستم خاصخيلي موقعي تي مارجي ويو آھي جيڪو ميهڙ جو رهواسي ٻڌايو وڃي ٿو پوليس سندس قبضي مان پسٽل ۽ 4 ميگزين پڻ هٿ ڪيون آھن، زخمي نياز چانڊيو جي ڀاءُ دادو پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر ولي چانڊيو،

امتياز چانڊيو، گل حسن چانڊيو ۽ ٻين ٻڌايو ته سماج لاءِ ناسور بڻيل منشيات جي واهپي خلاف رپورٽنگ ڪرڻ تان منشيات فروشن مڇرجي بيگناهه جاني پريس تي حملو ڪيو آھي زخمي اسان جو ڀاءُ نياز چانڊيو هٿيئن خالي پريس تي خبرون لکي رهيو هو، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ئي سمورو نقصان ٿيو آھي، واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي ذميوار هٿياربندن کي گرفتار ڪيو وڃي  ٻئي طرف دادو اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او نور مصطفي پٺاڻ پنهنجي ويڊيو بيان ۾ چيو آهي ته دادو ڪچھري روڊ تي فائرنگ جي اطلاع تي پوليس فوري واقعي واري ھنڌ پھتي جتي فائرنگ ۾ جاني پرنٽنگ پريس تي ويٺل صحافي نياز چانڊيو ۽ رفيق احمد چنا گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيا جڏھن تہ ڪراس فائرنگ ۾ ھڪ شخص مارجي ويو، زخمين کي طبي امداد لاءِ مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان زخمين کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي،

 مارجي ويل شخص جي لاش کي بہ ضروري ڪاروائي لاءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ابتدائي جاچ دوران مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ محمد علي ولد رستم خاصخيلي ويٺل ميهڙ ۽ مستقل پتو شھيد ڪالوني سيوھڻ جو آهي، مارجي ويل شخص حملا آورن سان گڏ ھيو جيڪو جوابدارن جي فرار ٿيڻ دوران ڪراس فائرنگ ۾ مارجي ويو آهي،

 واقعي واري ھنڌ تان پوليس ھڪ پستول ۽ 4 مئگزين به ھٿ ڪري ورتا آهن ، مارجي ويل شخص خلاف ڄامشورو ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي مختلف نوعيت جا ڪيس داخل ٿيل آهن، دادو پوليس ٻين جوابدارن جي ڳولا لاءِ آس پاس جي سي سي ٽي وي فوٽيج کي به چيڪ ڪرايو آهي مختلف ذريعن وسيلي جوابدارن جي ڳولا جاري آهي جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو،

جُون 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو