دادو پوليس ۾ ميگا ڪرپشن تي ڪارروائي: ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران ٻه اهلڪار برطرف، نوٽيفڪيشن جاري
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو پاران دادو پوليس کاتي ۾ بي قائدگين ۽ ڊيوٽي دوران ميگا ڪرپشن ڪري سوين سپاهي ويزا تي ڇڏڻ جي الزام ۾ دادو جي عوامي شڪايتن تي سخت نوٽيس وٺندي وڌيڪ 2 پوليس عملدارن کي برطرف ڪري ڇڏيا نوٽيفيڪشن جاري،
ڊي آءِ جي حيدرآباد دادو پوليس ھيڊ ڪوارٽر جي وڏي منشي لياقت علي ٻاٽ ۽ جمعدار اڪبر پنھور کي نوڪرين تان برطرف ڪري نوٽيفيڪشن جاري ڪري ڇڏيو، پوليس ذريعن موجب ڊي آءِ جي حيدرآباد چيو آهي ته پوليس کاتي ۾ آفيسر عملدار پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري سان سرانجام ڏين ۽ ڪنهن کي به ميگا ڪرپشن ڪرڻ نه ڏينداسين،
جُون 24, 2025