ايران تي حملي بابت ٽرمپ ۽ نيتن ياهو دنيا کي بيوقوف بڻايو؟

Spread the love

اسلام آباد (ويب ديڪس) ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان طرفان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي نوبل انعام لاءِ نامزد ڪرڻ جي سفارشڪئي وئي هئي، جنهن کانپوءِ فيلڊ مارشل ۽ ٽرمپ جي ملاقات ٿي. ٽرمپ ان ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان ۽ جنرل عاصم منير جي تعريف ڪئي ۽ ايران خلاف حملو نه ڪرڻ جو تاثر ڏنو. ٽرمپ چيو ته هو ايران تي حملي بابت في الحال نٿو سوچي ۽ ٻن هفتن اندر فيصلو ڪندو، جنهن سان سڄي دنيا ۾ اهو تاثر پيدا ٿيو ته آمريڪا ايران تي حملي لاءِ تيار ناهي. اسرائيل به ٽرمپ جي فيصلي تي تنقيد ڪئي، ۽ اهڙو ڏيک ڏنو ويو ته ڄڻ اسرائيلي حڪومت ناراض آهي. پر يروشلم پوسٽ جي هڪ رپورٽ موجب، ايران تي حملي کان 4 ڏينهن اڳ ٽرمپ ۽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو وچ ۾ ڪلاڪن تائين ٽيليفونڪ مشاورت ٿي. نيتن ياهو ٽرمپ کي قائل ڪيو ته ايران جي ٽن ايٽمي هنڌن تي حملا ڪيا وڃن، جڏهن ته ٽرمپ رڳو فردو ايٽمي پلانٽ تي حملي لاءِ تيار هو پر بعد ۾ کيس قائل ڪيو ويو. بعد ۾ آمريڪي سينيٽرز جي ڊي وينس، مارڪو روبيو ۽ اسرائيلي عملدارن وچ ۾ رابطا جاري رهيا، جن جي نتيجي ۾ حملي جي مڪمل منصوبابندي ڪئي وئي. فيلڊ مارشل ۽ ٽرمپ جي ملاقات کان هڪ ڏينهن اڳ ئي اهو منصوبو تيار ۽ منظور ٿي چڪو هو، جڏهن ته عالمي ميڊيا اڳيان هڪ ٻيو تاثر پيش ڪيو ويو ته آمريڪا حملو نٿو ڪري. اها حڪمت عملي ايران کي گمراهه ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي وئي، ٽرمپ ۽ نيتن ياهو گڏجي دنيا کي بيوقوف بڻايو ۽ حقيقي منصوبي کي ڳجهو رکيو.

جُون 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو