اسلام ڪوٽ واقعي خلاف پي ايم اي جي سڏ تي ٿرپارڪر جي اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جو احتجاج

Spread the love

اسلام ڪوٽ(رپورٽ : احمدعلي سانگي) اسلام ڪوٽ اسپتال ۾ ڊاڪٽر مريم درس سان پيش آيل واقعي خلاف پي ايم اي جي سڏ تي مٺي،اسلام ڪوٽ،ڏيپلو ۽ ڪلوئي جي اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ٽوڪن هڙتال ڪئي،پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيىيشن ٿرپاڪر جي سڏ تي ٿرپارڪر جي سڀني اسپتالن سان گڏ رورل هيلٿ سينٽر اسلام ڪوٽ ۾ ڊاڪٽرن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاء سڀني ڊاڪٽرن ء اسپتال جي عملي احتجاج ڪيو،مٺي ۾ ڊاڪٽر حفيظ دل،

ڊاڪٽر صاحبڏنو جنجھي،اسلام ڪوٽ ۾ ڊاڪٽر سڪندر حاجياڻو،ڏاڪٽر ڪيول راٺوڙ،ڊاڪٽر ساگر اڻنڌاڻي ۽ ڏيپلو ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار نھڙي جي اڳواڻي ۾ ٽوڪن هڙتال ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو،احتجاج دوران ڊاڪٽر مريم درس تي رورل هيلٿ سينٽر ۾ ڊيوٽي دوران پيش آيل واقعي ۽ ناروا سلوڪ جي مذمت ڪندي اختيارين کان مطالڀو ڪيو ته ڊاڪٽرن تي مريضن سان گڏ ايندڙ شرپسند ماڻهن طرفان ٿيندڙ حملن کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي،

جُون 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو