اسلام ڪوٽ اسپتال ۾ ڊاڪٽرياڻي ۽ مريضن وچ ۾ جهيڙو، هٿ وٺي تشدد
اسلام ڪوٽ(رپورٽ: احمدعلي ساڻگي)، اسلام ڪوٽ اسپتال ۾ ڊاڪٽرياڻي پاران مريض عورت کي ڌڪا،جھيڙو،ڊاڪٽرياڻي جي مڙس جو مريض عورت جي ڀاءُ تي تشدد،پوليس ھٿان گرفتار،پوليس کان گرفتار ڪرايل ھمراھ کي دل جو دورو،اسپتال مان مٺي ريفر،وارثن جو احتجاج، خبرموجب:اسلام ڪوٽ جي پي پي ايڇ آء رورل ھيلٿ سينٽر اسپتال ۾ علاج لاءِ پھتل ڳوٽ ولي تڙ جي رھواسڻ عورت شبانه ۽ عصمت ٻائي سمون علاج لاءِ ڊاڪٽرياڻي کان چيڪ اپ ڪرائڻ پھتيون ته موجود ڊاڪٽرياڻي چيڪ اپ بدران کيس ڌڪا ڏئي ڪمري مان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو،
اھڙي صورتحال بعد ڊاڪٽرياڻي ۽ مريض عورتن ۾ جھيڙو ٿي پيو،ھڪٻئي کي مارڪٽ ڪئي وئي،جنھن بعد ڊاڪٽرياڻي مريم درس فون ڪري پنھنجي مڙس علي درس کي اسپتال گھرائي مسئلو ٻڌايو،جنھن تي ڊاڪٽرياڻي جي مڙس علي درس اسپتال جي احاطي اندر مريض عورت جي ڀاءُ ۽ صحت کاتي جي ملازم ڏاڙھون سمون کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي مارڪٽ ڪرڻ بعد پوليس گھرائي کيس لاڪپ ڪرائي ڇڏيو،گرفتار ڪرايل ڏاڙھون سمون کي دل جو دورو پئجي ويو،جنھن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان کيس مٺي ريفر ڪيو ويو آهي،
انھي سلسلي ۾ متاثر عورتن شبانه،عصمت ۽ گڏ آيل نوجوان آچار سمون پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي چيو آهي ته اسپتال ۾ مقرر ٿيل ڊاڪٽرياڻي مريم درس اسان سان اڍنگي رويي بعد جھيڙو ڪيو،اسان جي ڌڪا ڏنا ويا،جھيڙي بعد ڊاڪٽرياڻي مريم پنھنجي مڙس کي گھرائي اسان جي ڀاءُ ڏاڙھون سمون کي تشدد جو نشانو بڻائي پوليس ھٿان گرفتار ڪرايو آهي،اسپتال ۾ مريضن سان اھڙو ظلم ھلي رھيو آھي ڪير پچڻ وارو ناھي،ڄاڻايل ڊاڪٽرياڻي اڳ ۾ ڪيترن ئي مريضن سان جھيڙا ڪيا آھن پر پي پي ايڇ آء انتظاميه ڪو به ڪاروائي نه ٿي ڪري،
علاج لاءِ ايندڙن کي پوليس ھٿان گرفتار ڪرايو ٿو وڃي،جانچ ڪري انصاف ڪيو وڃي،ھواڏنھن الزام ھيٺ آيل ڊاڪٽرياڻي مريم درس چيو آھي ته سمان برادري جي ٻن عورتن شبانه ۽ عصمت اسپتال اندر مون تي تشدد ڪيو آھي مونکي وارن مان گھليو ويو،مون سان انصاف ڪيو وڃي،ڊاڪٽرياڻي جي مڙس علي درس چيو آھي ته ڏاڙھون سمون کي ايڊمنسٽريٽر جي ڪمپلين تي پوليس گرفتار ڪيو آھي،
منھنجو گرفتاري سان ڪو به تعلق ناھي نه وري مون ھن تي تشدد ڪيو آھي،الزام بي بنياد آهن،رابطي تي ايس ايڇ او زيشان لاشاري چيو ته اسان ڊي ايڇ او جي شڪايت تي ڏاڙھون سمون کي گرفتار ڪيو ھو،اسان کي ٻڌايو ويو ته ڊاڪٽرياڻي تي تشدد ٿيو آھي،اسپتال انتظاميا چيو ته تشدد ڪندڙن تي ڪيس داخل ڪرايو ويندو،
جُون 24, 2025