ڀٽائي آباد ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ لوڊشيڊنگ خلاف سياسي ۽ سماجي تنظيمن جو احتجاج ڀٽائي آباد ۾ سوين ماڻھو پاڻي جي کوٽ ۽ لوڊشيڊنگ خلاف روڊن تي نڪري آيا   

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) ملير جي يوسي 10 ڀٽائي آباد ۾ هٿرادو پاڻي جي کوٽ ۽ بدترين لوڊشيڊنگ خلاف سول سوسائٽي، جماعت اسلامي، تحريڪ انصاف، مسلم ليگ فنڪشنل ۽ ٽي ايل پي پاران سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ان موقعي تي خطاب ڪندي انجينيئر عمر فاروق , انور صالح ۔اعجاز صديقي اورنگزيب  احمد ۽ گل حسن سومري  الزام هنيو ته ڀٽائي آباد ۾ ڄاڻي واڻي پاڻي جي کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته علائقي جو پاڻي غير قانوني ڪنڪشنز ذريعي ڀرپاسي جي سوسائٽين ۽ فليٽن کي فراهم ڪيو پيو وڃي،

جنهن جي پويان ايڪسئن سليم سومرو ۽ وائس چيئرمين اي ڊي سومرو شامل آهن.احتجاج ڪندڙن چيو ته اي ڊي سومرو جي نگرانيءَ ۾ علائقي جي هر گهر کان غير قانوني نموني سان پاڻي جي مد ۾ 200 کان 500 رپيا في فيس ورتي پئي وڃي، جنهن جو ڪو به واٽر بورڊ جو باقاعده بل ناهي.اڳواڻن جو مطالبو هو ته پاڻي جي هٿرادو کوٽ ختم ڪري، واٽر بورڊ پاران قانوني بلنگ جو شفاف نظام لاڳو ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ايندڙ احتجاج وڌيڪ وڏي پيماني تي ڪيو ويندو

جُون 23, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو