شاگرد تعليم ۽ بقا جي وچ ۾ ڦاٿل، يونيورسٽين ۾ داخلا شرح گهٽجي وئي

Spread the love

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان جي يونيورسٽين ۾ داخلا وٺندڙ شاگردن جو انگ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 13 سيڪڙو گهٽجي 19.4 لک ٿي ويو، جيڪو اقتصادي سروي 2024-25 ۾ سامهون آيو آهي. ماهرن موجب، هي گهٽتائي وڌندڙ فيسن، معاشي بحران، ۽ حڪومت جي طرفان اعليٰ تعليم جي مد ۾ گهٽ فنڊنگ جو نتيجو آهي. هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي خودانحصاري پاليسي تحت يونيورسٽين کي پنهنجا خرچ پاڻ پورا ڪرڻا پيا، جنهن سبب فيسون وڌڻ لڳيون.

نتيجي طور تي غريب ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ شاگرد اعليٰ تعليم کان محروم ٿين پيا. فاطما جناح وومين يونيورسٽي راولپنڊي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر بشريٰ مرزا ٻڌايو ته کوڙ شاگرد تعليم ڇڏڻ تي مجبور آهن ڇاڪاڻ ته اهي مالي بار گهٽائڻ لاءِ ملازمتون ڪرڻ لڳا آهن. قائداعظم يونيورسٽي جي ڊاڪٽر نديم مرزا چيو ته مالي وسيلن جي کوٽ سبب ڪيترائي شاگرد تعليم جاري نه رکي سگهيا. ڊاڪٽر مرزا وڌيڪ چيو ته شاگرد هاڻ تعليم ۽ بقا جي وچ ۾ ڏکين فيصلن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

وڌندڙ مهانگائي، ٽيڪسن ۾ واڌ، ۽ آمدني ۾ گهٽتائي تعليم جي رسائي کي محدود ڪري ڇڏيو آهي. مردان وومين يونيورسٽي جي وائيس چانسلر رضيا سلطانا موجب، ميٽرڪ ۽ ثانوي سطح تي تعليمي معيار به سٺو ناهي، جتي خواندگي شرح اڃا به 60 سيڪڙو تي بيٺل آهي. ان سان گڏ، ليبارٽريز لاءِ سامان، تحقيق لاءِ فنڊ ۽ استادن جي پگهارن ۾ به دير معمول بڻجي ويو آهي. آل پبلڪ يونيورسٽيز بي پي ايس ٽيچرز ايسوسيئيشن جي ڊاڪٽر منظور احمد خبردار ڪيو آهي ته حڪومت دفاعي خرچن ۽ احساس پروگرام (بينظير انڪم سپورٽ پروگرام) تي ته ڌيان ڏئي رهي آهي، پر يونيورسٽين لاءِ بجيٽ ۾ ڪا جوڳي واڌ نه ٿي آهي. هن مهانگائي کي تعليم جي رستي ۾ وڏي رنڊڪ قرار ڏنو. ماهرن جو چوڻ آهي ته تعليمي معيار ۾ لاٿ، پر معاشي ترقيءَ جي رفتار جي گهٽتائي جي صورت ۾ به نڪري سگهي ٿو.

جُون 23, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو