سکر ۾ ڪفن پوش تحريڪ پاران پنوعاقل پوليس خلاف احتجاج
سکر ( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر ۾ ڪفن پوش تحريڪ پاران پنوعاقل پوليس جي مبينه زيادتين ۽ ڪوڙن ڪيسن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ سکر پريس ڪلب جي سامهون ٿيل احتجاج دوران مظاهرين پاران پنوعاقل پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ۽ حمزه ڪلوڙ لاءِ فوري انصاف جي فراهمي جو مطالبو ڪيو ويو۔
احتجاج جي اڳواڻي غلام مصطفى ڪلوڙ ڪئي، جنهن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام لڳايو ته پنوعاقل جو رهواسي نوجوان حمزه ڪلوڙ کي باءِجي پوليس طرفان عدالت مان واپس گهر ويندي بيگناهه گرفتار ڪيو ويو ۽ ان تي منشيات جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو۔
مظاهرين جو چوڻ هو ته حمزه ڪلوڙ هڪ پرامن شهري آهي ۽ ان خلاف داخل ڪيل ڪيس سياسي ۽ ذاتي دشمني جي بنياد تي داخل ڪيو ويو، جيڪو سراسر ناانصافي ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي۔مظاهرين ڪفن پائي، هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پرامن طريقي سان احتجاج رڪارڊ ڪرايو۔ انهن سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ پوليس ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته حمزه ڪلوڙ کي فوري انصاف ڏياريو وڃي،
ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي ۽ ذميوار پوليس اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي۔مظاهرين خبردار ڪيو ته جيڪڏهن انصاف نه مليو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ اعليٰ عدالتن سان به رجوع ڪيو ويندو۔ ان موقعي تي شهري حلقن ۽ انساني حقن جي تنظيمن واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي۔
جُون 23, 2025