سکر ۾ شيخ برادري جي عورتن جو احتجاج: بااثرن جي ظلمن خلاف تحفظ ۽ انصاف جو مطالبو
سکر (بيورو رپورٽ)سکر جي علائقي بشير آباد، ملٽري روڊ جي رهواسي شيخ برادري جي عورتن پاران بااثرن جي ظلمن، زيادتين ۽ ناانصافين خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي شهزادي شيخ، حاڪم زادي ، اميران شيخ، سائره سميت ٻين عورتن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام لڳايو ته پاڙي جون ڪجهه عورتون جن ۾ صاحبا شيخ، شمشاد، راڻو، صائمه، صائقہ شيخ ۽ ڪجهه اڻڄاتل مرد شامل آهن، روزانو مٿن تشدد ڪن ٿيون ۽ پاڙي جي مردن کي گهرائي حملو ڪرايو ويندو آهي۔
هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا آباد ٿاڻي پوليس سان رابطو ڪيو ويو پر پوليس مدد ڪرڻ بجاءِ الٽو مخالفن جو ساٿ ڏئي رهي آهي۔ عورتن وڌيڪ انڪشاف ڪندي چيو ته ڄاڻايل عورتون مبينا طور تي غيراخلاقي سرگرمين ۾ ملوث آهن ۽ اسان کي به اهڙي گندي ڌنڌي ۾ شامل ٿيڻ تي مجبور ڪري رهيون آهن، ۽ انڪار تي اسان کي حراسان ڪري جسماني تشدد جو نشانو بڻائين ٿيون۔متاثرعورتن سکر جي ايس ايس پي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي، کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي۔ احتجاج ڪندڙن چيو ته جيڪڏهن انصاف نه مليو ته هو پنهنجن ٻارن سميت پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال به ڪندا۔
جُون 23, 2025