سيپڪو ملازم جي قتل خلاف واپڊا هائيڊرو يونين جو سکر ۾ احتجاجي مظاهرو

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر اليڪٽرڪ پاور سپلائي ڪمپني سيپڪو سب ڊويزن ون جي ايل ايس فهيم احمد سميجو جي قتل خلاف آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين (سي بي اي) پاران سيپڪو هيڊ ڪوارٽر تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري جي اڳواڻي يونين اڳواڻ خليل الرحمان ڊومڪي، شجا احمد گهمرو،

 عقيل احمد دايو، نذر محمد ميمڻ، ابراهيم ڏهر، سجاد شاهه سميت ٻيا يونين عهديدار ڪري رهيا هئا، مظاهرو ڪندڙ يونين جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي هٿن تي ڪاريون پٽي پائيون ويون هيون ۽ هٿن ۾ واقعي خلاف مذمتي بينر به رکيل هئا، ان موقعي تي يونين جي اڳواڻن واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته واقعي کي انتهائي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته واقعي سان گڏ ٻه ڏينهن گذري چڪا آهن پر قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار ناهي ٿيو اهڙي واقعي کانپوءِ ملازم عدم تحفظ جو شڪار آھن ۔اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن قاتل جلد گيفتار نه ٿيو ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين۔

جُون 23, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو