سنڌ حڪومت جي زيادتين خلاف سکر ۾ رٽائرڊ استادن جو احتجاج، جائز حقن جي فراهمي جو مطالبو

Spread the love

سکر ( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) گورنمينٽ رٽائرڊ ٽيچرز ايسوسيئيشن ضلعو سکر پاران پنهنجي جائز مطالبن جي منظوري نه ٿيڻ خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ مظاهري جي اڳواڻي گورنمينٽ رٽائرڊ ٽيچرز ايسوسيئيشن ضلع سکر جي صدر محمد بخش مهر، عبدالرشيد کوسو، عبدالعزيز ملڪ ۽ ٻين عهديدارن ڪئي۔احتجاج دوران اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت رٽائرڊ استادن جي گروپ انشورنس ۽ بينيوولينٽ فنڊ مان ناجائز ڪٽوتي ڪري رهي آهي،

جيڪا سراسر ناانصافي ۽ ظلمن تي ٻڌل عمل آهي۔ هنن چيو ته پاڪستان جي ٽنهي صوبن ۾ رٽائرڊ استادن کي سموريون سهولتون ڏنيون پيون وڃن، پر سنڌ جي رٽائرڊ استادن سان ظلم ڪيو پيو وڃي۔رهنمائن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي سبب رٽائرڊ استادن کي سخت معاشي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، گھر جا خرچ پورو ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي۔

 اسان جا مطالبا جائز آهن، پر گذريل ڪيترن ئي سالن کان رڳو ڪوڙا دلاسا ڏنا پيا وڃن۔ رٽائرڊ ملازم پنهنجي حقن لاءِ پرامن احتجاج ذريعي پنهنجو آواز بلند ڪري رهيا آهن، پر سنڌ حڪومت اسان جي خاموشي کي ڪمزوري سمجهي رهي آهي۔هنن واضح ڪيو ته جيڪڏهن اسان جا جائز حق نه ڏنا ويا ته “دمادم مست قلندر” ٿيندي، جنهن جي سڄي ذميواري سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن تي عائد ٿيندي۔

جُون 23, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو