جيڪڏهن اسان اڄ ايران لاءِ آواز نه اُٿاريو ته سڀاڻي اسان لاءِ به ڪو آواز نه اُٿاريندو: بلاول

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ايران جي جوهري ٺڪاڻن تي آمريڪي حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته اسرائيل ايران تي ڪوڙ جي بنياد تي حملو ڪيو، جيڪڏهن اڄ اسان ايران لاءِ آواز نه اُٿاريو ته سڀاڻي اسان لاءِ به ڪو آواز نه اُٿاريندو.
هن چيو ته اسرائيل ايراني فوجي قيادت کي ان وقت نشانو بڻايو، جڏهن هو جنگ جي ميدان ۾ نه پر پنهنجي گهرن ۾ ستل هئا، ايراني سائنسدانن، ميڊيا جي نمائندن ۽ صحافين کي به نشانو بڻايو ويو.
اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته ايران جي جوهري ٿاڪن تي حملو عالمي قانونن جي سڀ کان وڏي ڀڃڪڙي آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن انهن جوهري ٿاڪن تي حملي جي نتيجي ۾ تابڪاري پکڙجي وڃي ها ته ان جو نقصان رڳو ايران تائين محدود نه رهي ها، پر ان جا اثر سڄي علائقي سميت پاڪستان تائين پهچن ها.
بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته اسرائيلي حڪومت آمريڪي عوام کي زبردستي جنگ ۾ ڌڪڻ چاهي ٿي، جڏهن ته آمريڪي عوام ان جنگ جي مخالفت ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته پهريان بلڪل اهڙي ئي ڪوڙي دعويٰ عراق بابت ڪئي وئي، هاڻي ايران بابت به اهو ئي چيو پيو وڃي ته انهن وٽ وڏي پيماني تي تباهي ڦهلائڻ وارا هٿيار موجود آهن.
بلاول ڀٽو ٻي عالمي جنگ تي لکيل هڪ نظم جو حوالو ڏيندي چيو ” پهريان هو فلسطيني عوام پٺيان آيا پوءِ لبنان، پوءِ يمن ۽ هاڻ ايران جي، جيڪڏهن اسان اڄ به آواز نه اُٿاريو ته جڏهن هو اسان پويان ايندا ته اسان لاءِ به ڪو آواز اُٿارڻ وارو نه هوندو.“
هن جو چوڻ هو ته خطي ۾ اسرائيلي حڪومت جي جارحيت کي روڪڻ ضروري آهي.
بلاول ڀٽو چيو ته اسان اهو ڏينهن ڏسڻ چاهيون ٿا، جڏهن خطي جا سڀ ملڪ امن سان رهي سگهن، پر اهو امن تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن اسرائيل جي نتن ياهو حڪومت جي ايران خلاف غيرقانوني جنگ بند ڪئي ويندي، لبنان ۾ جنگبندي جي معاهدي جي پاسداري ڪئي ويندي ۽ فلسطيني سرزمين تي جاري نسل ڪشي روڪڻ لاءِ ان کي مجبور ڪيو ويندو.
ڀارت سنڌ طاس معاهدو نه مڃيو ته پاڪستان جنگ ڪندو: بلاول ڀٽو
پنهنجي تقرير دوران پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ واري معاملي ڳالهائينيدي بلاول ڀارت وٽ ٻه رستا آهن، يا ته هو سنڌ طاس معاهدي کي مڃي نه ته جيڪڏهن ڊيم يا ڪئنال ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو ته پوءِ پاڪستان جنگ ڪندو.
بلاول ڀٽو ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو نالو وٺڻ بنا کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته اسان جي خطي ۾ به نيتن ياهو جي هڪ سستي ڪاپي موجود آهي، اسان ڀارت کي جنگ، سفارتڪاري ۽ بيانئي جي ميدان ۾ شڪست ڏئي چڪا آهيون.
هن چيو ته اسان اها جنگ رڳو پاڪستان لاءِ نه پر ڀارتي عوام جي فائدي لاءِ به وڙهي رهيا آهيون، پاڪستان ۽ ڀارت جي عوام لاءِ امن ۾ ئي بهتري آهي. ڀارت چاهي ٿو ته اسان جا ايندڙ نسل پاڻي تي وڙهن، جڏهن ته پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي ڌمڪي گڏيل قومن جي چارٽر جي ڀڃڪڙي آهي.
بلاول ڀٽو چيو ته ڀارت لاءِ ٻه آپشن آهن، سنڌ طاس معاهدي کي مڃي نه ته جيڪڏهن هو ڊيم يا نوان ڪئنال ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو ته پاڪستان جنگ ڪندو ۽ پوءِ 6 مان 6 دريائن جو پاڻي پاڪستان کي ڏيارينداسين.
هن چيو ته آمريڪي صدر پڻ چوندو رهيو آهي ته ٽياڪڙي ٿيڻ گهرجي، ڀارت ڪشمير کي پنهنجو اندروني معاملو چوڻ واري بيانئي تان پوئتي هٽي چڪو آهي، اڄ ڪشمير عالمي سطح تي هڪ اهم مسئلو بڻجي چڪو آهي ۽ اها اسان جي سفارتي ڪاميابي آهي.
بجيٽ تي ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته هو وفاقي حڪومت جي بجيٽ جي حمايت ڪري ٿو ۽ وزيراعظم، ناڻي واري وزير ۽ پرڏيهي وزير جو ٿورائتو آهي، جن هن ڀيري پيپلز پارٽي کي بجيٽ ۾ شامل ڪيو.
سندس چوڻ هو ته پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ سٺو قدم آهي، پر اسان چاهيون ٿا ته ان ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو وڃي.