جنگ جي نئين موڙ تي، ايران وٽ ڪھڙا امڪاني آپشن بچيا آھن ؟
امن جي نالي تي آمريڪا جي عوام کان ووٽ وٺندڙ ۽ ٻيو ڀيرو آمريڪا جي صدارتي منصب تي فائز ٿيندڙ ڊونلڊ ٽرمپ ڊرامائي طور ايران تي مڙھيل اسرائيلي جنگ ۾ شامل ٿي ويو. جنھن سان وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ھڪ ڀيرو ٻيھر وڌيڪ شدت اچي وئي آھي.ايران تي اسرائيل جي ڪيل ڪارروائي بعد ايران پاران جوابي حملن کانپوءِ ڌمڪين ڏيڻ سان گڏ صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو ھو تھ ھوءَ ٻھ ھفتا انتظار ڪرڻ بعد ڪو فيصلو ڪندو پر ان ٻيھر دنيا کي ڏٽو ڏئي ڪري ايران مٿي حملو ڪري ڏنو.آمريڪي حملي بعد قوم کي خطاب ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ ھو تھ ھن وچ اوڀر جي بدمعاش کي سيکت ڏني آھي. جيڪڏھن ڪو ردعمل آيو تھ آمريڪا جو ان تي سخت جواب ھوندو.ھن کان اڳ اسرائيل بھ اوچتو ايران تي حملو ڪيو ھو ۽ ان دوران آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ايٽمي مسئلي تي ڳالھيون جاري ھيون.ڪي مبصر چون ٿا تھ اسرائيل نھ پئي چاھيو تھ آمريڪا ۽ ايران ڪنھن معاھدي تي پھچي وڃن.جنھن ڪري اسرائيل حملو ڪري ڏنو.
آمريڪا دعويٰ ڪئي آھي تھ ان ٽن ايراني ايٽمي هنڌن کي نشانو بڻايو آهي ۽ انهن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.عام خيال ھي آھي تھ اسرائيل ۽ آمريڪا توڻي سندن ساٿارين جو خيال آھي تھ ايران ايٽمي طاقت بڻجڻ جي ويجھو آھي ۽ ايران جي ايٽمي طاقت بڻجي وڃڻ سان اسرائيل کي خطرو آھي. پر دنيا ڄاڻي ٿي تھ ڊونلڊ ٽرمپ ئي ھو جنھن پنھنجي پھرين دور حڪومت ۾ اڳواٽ ايران سان ٿيل معاھدي کي ٽوڙي ڇڏيو ھو.دنيا اھو بھ ڄاڻي ٿي تھ آمريڪا ۽ سندس اتحادين جو اصل مقصد ايران کي جھڪائڻ آھي.جڏھن تھ ايران ان ڪنھن بھ ريت آڻ مڃڻ کان انڪاري رھندو آيو آھي.آمريڪي صدر مطابق ايران ۾ فرودو، نطنز ۽ اصفهان ۾ ان جي ٽن ايٽمي سائيٽس تي سندس جھازن نشانو بڻايو. صدر آمريڪي حملي کي مڪمل ڪاميابي قرار ڏنو ۽ دعويٰ ڪئي آھي تھ ايران جي انھن ٽنھي ھنڌن کي ناس ڪري ڇڏيو آھي.
چوندا آھن تھ جنگين ۾ پھريون قتل سچ جو ٿيندو آھي، ان حوالي سان آمريڪا جي اھڙي دعوائن تي ڪافي سنجيده سوال اڀري رھيا آھن، آمريڪي حملي بعد ان تي عالمي سطح تي ميڊيا ۾ ٿيندڙ ٽيڪا ٽپڻي دوران ئي ايران اسرائيل تي شديد جوابي وار ڪري ڏنو. جنھن ۾ ايران جي دعويٰ آھي تھ ان پھريون ڀيرو خيبر ڪروز ميزائيل فائر ڪيا آھن.ايران جي پرڏيھي وزير عباس عراقچي، آمريڪي حملي بعد پنھنجي ردعمل ۾ چيو آھي تھ اھو ھڪ خودمختيار ملڪ تي وار آھي. ريڊ لائين ڪراس ڪئي وئي آھي. ھاڻي ايران پنھنجي دفاع ۾ ڪجھه بھ ڪرڻ جو حق رکي ٿو. ھن اھو بھ چيو تھ ايران تھ آمريڪا سان ڳالھيون ڪري رھيو ھو ان وچ ۾ سفارتي ميدان بند ڪري وري ان مٿان سڌي جنگ مڙھي وئي آھي.عالمي سطح تي ڪيئن مبصر ان خيال جا آھن تھ ايران تي آمريڪا جو ڪيل حملو، اين پي ٽي ۽ آءِ اي ِاي اي جي قانون جي لتاڙ آھي. جنھن بابت ايران جو چوڻ آھي تھ اھو عالمي قانون موجب انصاف جو در کڙڪائيندو.
اڃان تائين آمريڪا جي ڪيل حملي جا تفصيل اچي رھيا آھن.ايتري ۾ ايران جو اسرائيل خلاف ردعمل بھ سامھون اچي ويو آھي. جنھن تيزي سان صورتحال بدلجي رھي آھي ان مان لڳي ٿو تھ دنيا ھڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي رھي آھي.ڪجھھ ماھر چون ٿا تھ ڪيترن ئي ڏھاڪن جو سفر ڪجھھ ڏينھن يا ھفتن ۾ طئي ٿي رھيو آھي.جنھن ڪري گھڻي تڙ تڪڙ ۾ فيصلن ٿيڻ جو وقت اچي ويو آھي.عالمي ميڊيا ۾ اھو بحث بھ جاري آھي تھ ايران جي ايٽمي سائيٽس تي ٿيل حملي ۾ ايران کي گھڻو نقصان نھ پھتو آھي.ان ڪري جيڪڏھن ڪو گھڻو نقصان پھچي ھا تھ ايٽمي سائيٽس تي ٿيل ايٽمي مادي جي تباھي سان ان جا تابڪاري اثر ظاھر ٿين ھا.ان ڪري آمريڪا جي صدر جي حملي واري ڳالھھ تھ درست آھي پر ان جي نقصان رسائڻ واري دعويٰ تي شڪ جو اظھار ڪيو پيو وڃي.ان ھوندي ڪنھن بھ ملڪ جي مٿان اھڙي ريت ڪاھ ڪري اچڻ عالمي قانونن جي سنگين لتاڙ آھي.اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ عالمي سطح تي بھ ” ڏاڍي جي لٺ کي ٻھ مٿا“ ھوندا آھن.ان ڪري امن جي نوبل انعام جي خواھش رکندڙ آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو اصل انعام تھ عالمي عدالت پاران سزا ملڻ ئي ٺھي ٿو، پر ٻين ڏاڍن جيان ھي بھ گھڻو ڪري بچي ويندو.ڇاڪاڻ جو عالمي ادارا ۽ عالمي مالياتي ادارا آمريڪا جي اڳيان گھڻو بيوس آھن
وچ اوڀر ۾ ايران جي حامي قوتن کي ڪاپاري ڌڪ ھڻڻ، شام ۾ بشارت اسد جي حڪومت ڊاھي اتي پنھنجي من پسند حڪومت قائم ڪرڻ ۽ لبنان ۾ حزب اللھ جي چيلھه ڀڃڻ ۽ ان بعد غزا تي جنگبندي ٽوڙيندي لڳاتار حملا ڪرڻ واري اسرائيل وجھھ وٺي ايران کي سوڙھو ڪري ان مٿان جنگ مڙھي ڇڏي جنھن۾ سندس ئي خواھش تي آمريڪا بھ شامل ٿي ويو آھي.اھڙي صورتحال ۾ سوال ھي آھي تھ ايران وٽ ڪھڙا رستا باقي بچن ٿا ؟ ڇا ايران آمريڪا سان ڳالهيون ڪندو يا وري جيڪڏھن سندس ايٽمي طاقت بچي وئي آھي تھ اھو هٿيار ٺاهڻ جي ڪوششن تيز ڪندو، يا پنهنجي موجوده پاليسي کي جاري رکندو.ان جو اصل جواب ايندڙ ڏينهن ۾ سندس عمل مان ئي ظاهر ٿيندو.
ڊونلڊ ٽرمپ جي ھن ڪارروائي خطي کي وڌيڪ خطري ۾ وجهي ڇڏيو آھي ، ھٿيارن جي عدم پکيڙ واري نظام کي ڪمزور ڪيو آھي ۽ دنيا ۾ هڪ وڏي تڪرار پيدا ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آھي.امڪاني طور ايران جي لاءِ بھتر ھي آھي تھ اھو آمريڪا بدران اسرائيل تي ڌيان رکي. ڇو تھ آمريڪا جي ڪنھن ٻيڙي. ٺڪاڻي يا اڌي کي نشانو بڻائڻ جي صورت ۾ ان جو شديد ردعمل ٿي سگھي ٿو.ايران عالمي اڳواڻن سان بھ رابطو ڪري سفارتي ميدان ۾ اڳيان اچي.پنھنجو ڪيس پيش ڪري.عالمي برادري اهڙين هڪ طرفي ڪارروائين جو تنقيدي جائزو وٺي. ايران حوثين جي مدد سان ريڊ سي ۽ ھرمز وٽ ناڪابندي بھ ڪري سگھي ٿو. جنھن سان عالمي واپار تي سڌو اثر پوندو، جنھن سبب پيدا ٿيندڙ پريشر سندس حق ۾ويندو.
جُون 23, 2025