نوابشاهه: دوڙ واسين جو پريس ڪلب آڏو احتجاج، قتل ڪيس جي آڙ ۾ جانيون عذاب، ملڪيتن تي قبضا، معصوم ٻار جي واپسي جي اپيل
نوابشاھ( رپورٽ عبدالفتاح رند) دوڙ نور سٽي جي رھواسين ريحانہ وڳڻ، ارم وڳڻ، تيمور وڳڻ ۽ عابد وڳڻ نوابشاھ پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي دانھيو آھي تہ ڪجھ مھينا اڳ دوڙ ۾ اسان جي ويجھي عزيز ڀائٽي مُدثر علي وڳڻ جو قتل ٿيو جنھن جي ايف آئي آر مقتول ڌر پاران اسان جي ڀاءُ صاقب علي وڳڻ خلاف داخل ڪرائي وئي جيڪو ھن وقت جيل ۾ آھي ليڪن نويد وڳڻ، ميھر علي وڳڻ،
فرحان وڳڻ، جبار وڳڻ، مشرف وڳڻ پنھنجي مددگارن جي ملي ڀڳت ڪري اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي ارم وڳڻ جو معصوم کير پياڪ ٻار محمد باقر کي زبردستي ماءُ کان ڦريو ويو جنھن بعد دوڙ ۾ اسان جي ٻن جاين سميت ٻي ملڪيت قيمتي سامان تي ھٿيارن جي زور تي قبضو ڪرايو ويو آھي اختيارين چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ، وزير اعليٰ سنڌ،
وزير داخلا سنڌ، ڊي آئي جي شھيد بينظير آباد ايس ايس پي شھيد بينظير آباد ۽ ٻين اختيارين کي اپيل ڪيون ٿا تہ اسان سان انصاف ڪيو وڃي مذڪورھ ماڻھن مان اسان کي تحفظ ڏياريو وڃي ارم وڳڻ جو معصوم ٻچڙو واپس ڏياري اسان جي ملڪيتن تان قبضا ختم ڪرايا وڃن نويد وڳڻ، ميھر علي وڳڻ، فرحان وڳڻ، جبار وڳڻ، مشرف وڳڻ جي ڌمڪين جو نوٽيس ورتو وڃي اسان کي ڪجھ بہ ٿيو تہ نويد ۽ سندس مددگار ميھر علي وڳڻ، فرحان وڳڻ، جبار وڳڻ، آن جا ذميوار ھوندا.
جُون 22, 2025