ملير: خيرپورميرس جي جوڙي پاران پسند جو پرڻو، مائيٽن پاران گهر ساڙي تباھ، تحفظ لاءِ ملير پريس ڪلب ۾ اپيل

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) خيرپورميرس جي جوڙي ڪراچي پهچي ملير ڪورٽ ۾ نڪاح ڪري ڇڏيو،پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري جي مائيٽن طرفان نوجوان جي گهرن کي باهيون،

جوڙيِ طرفان پريس ڪلب پهچي ملير انتظاميا کان تحفظ جي گهر تفصيل موجب خيرپورميرس تعلقو ٺري ميرواھ جي ڳوٺ الهڏنو جي رهواسي جوڙي منصور علي عامر ۽ سعيده عامر ڪراچي پهچي 16 جون تي ملير ڪورٽ ۾ نڪاح ڪري ورتو آهي گذريل ڏينهن جوڙي عوامي پريس ڪلب ملير ۾ نڪاح نامي  سميت سمورن ڪاغذي ثبوتن سان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان پنهنجي مرضِ سان نڪاح ڪيو آهي پر مائيٽن  اسان  جي شادي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي اسان جي ڳوٺ ۾ موجود  گهرن کي باهيون ڏيئي  اناج سميت سمورو سامان کڻي ويا آهن

 ناري سعيده جو چوڻ هو ته منهنجو گهر وارو منصور منهنجو مائيٽ آهي مون کي  اڳي مڙس  طلاق ڏني جنهن بعد مون منصور سان نڪاح ڪيو آهي مون کي نه ورغلايو  آهي نه ڪنهن ڀڄايو آهي پوئي به منهنجا مائيٽ اسان جي جان جا دشمن بڻجي ويا آهن

 منصور ٻڌايو ته منهنجي گهر واري کي ڳوٺ مان ڪڍي ملير ڪورٽ پهچي نڪاح ڪيو آهي ڪو ڏوھ ناهي جو منهنجي گهرن کي باهيون ڏنيون ويون آهن  اسان کي پنهنجي مرضِ جي زندگي گذارڻ ڏني وڃي هنن آئي جي سنڌ، ڊي جي رينجرس سميت اعلي اختيارين کان گهر ڪئي اسان کي تحفظ ڏيئي مخالفن کي انتقامي ڪاروائين کان روڪيو وڃي

جُون 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو