ملير: تيز رفتار ڊمپر جو ٽڪر، نوجوان چيڀاٽجي فوت، ڳوٺاڻن جو احتجاج
ملير (ڊر ) ڌرڻي پرتو امروڊ ڪالوني ڀرسان تيز رفتار ڊمپر جو ٽڪر لڳڻ سبب موٽرسائيڪل سوار ڳوٺاڻي چيڀائٽجي فوت
ڳوٺاڻن ڊمپر ڊرائيور کي پڪڙي ورتو پوليس کي اطلاع
پوليس پهچي فوتي جو مڙھ ايمبولينس ذريعي اسپتال منتقل ڪرايو
جڏهن ته فوتي جي سڃاڻپ پيرسرهندي ڳوٺ جي رهواسي نوجوان بلال شاه ولد ديدار طور ٿي آھي
پوليس ڊرائيور شاهد خان ولد حاڪم خان کي گرفتار ڪري ڊمپر قبضي ۾ وٺي ڇڏيو
ملير جي علائقن مان ريتي بجري چوري ڪندڙ ڊمپر تيزي رفتاري سان ڳوٺن کان گذرن ٿا حادثن سبب روز روز نوجوانن جو زندگيون ضايع ٿي رهيو آھن آئي جي سنڌ نوٽس وٺي ۔ڳوٺاڻا جون دانهون
جُون 22, 2025