سيوهڻ شريف: ايس ايس پي ڄامشورو جو ٻن ڏينهن جو دورو، ٻن قتل ڪيسن جي وارثن سان ملاقات، قاتلن جي جلد گرفتاري جو اعلان
سيوهڻ شريف رپورٽ محمد صفر ايم سيوھاڻي:- ايس ايس پي ڄامشورو محمد ظفر ڇھانگا پاران سيوھڻ سب ڊويزن سان گڏ سيوھڻ شھر ۾ امن امان جي بحالي لاء ايس ايس پي ڄامشورو محمد ظفر صديق ڇھانگا ٻن ڏينهن جي دوري تي سيوهڻ شريف پهچي ويو، ايس ايس پي ڄامشورو مقتول نورنبي لاکو ۽ منظور سولنگي جي وارثن وٽ پهچي ٻنھي واقعن جا مالڪن کان تفصيل معلوم ڪيا، ايس ايس پي ڄامشورو جو چوڻ ھئو تہ مقتول نورنبي لاکو ۽ نوجوان منظور سولنگي جو قتل ٽارگيٽ لڳي ٿو،
ڦر جو واقعو ناهي، ٻنھي مقتولن جا قتل اهم ڪيس آهن، جن کي جانچڻ اسان جي اھم ذميواري آهي،
مقتول نورنبي لاکو ۽ نوجوان منظور سولنگي جي قاتلن کي جلد پڪڙ ۾ آندو ويندو،پوليس قاتلن جي گرفتاري تائين سک سان نه ويهندي، ايس ايس پي ڄامشورو جو وڌيڪ چوڻ ھئو تہ ٻنھي مقتولن جي جوابدار جي گرفتاري لاءِ سڀ وسيلا ڪتب آندا ويندا ۽ پوليس ان اهم ڪيسن ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ڪندي، ايس ايس پي ڄامشورو جو چوڻ ھئو تہ سيوھڻ شھر سان گڏ ڄامشورو ضلع ۾ امن امان ڪرائڻ منھنجي ۽ منھنجي پوليس جوانن جي ذميواري آھي،
مان سيوھڻ شريف ان جي ڪري آيو آھيان ته مونکي سيوھڻ شھر ۾ ٿيل واقعن بابت سيوھڻ جي اي ايس پي ۽ ايس ايڇ او کان ڄاڻ وٺان، ۽ ٻنھي نوجوانن جي وارثن کان معلومات وٺان، مان سيوھڻ جي عوام کي يقين ڏياريان ٿو ته انشاءالله سيوھڻ شھر جو امن امان خراب ڪندڙ عنصرن کي بخش نه ڪندس، انھن ٻنھي واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري انھن کي عبرت ناڪ سزا ڏياري ويندي.
جُون 22, 2025