ايران تي آمريڪي حملا: پاڪستان جو ردعمل اچي ويو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايران تي آمريڪي حملن کانپوءِ پاڪستان جو ردعمل سامهون اچي ويو.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب پاڪستان ايران جي ايٽمي ٿاڪن تي آمريڪي حملن جي سخت مذمت ڪئي آهي.
ترجمان چيو ته آمريڪي حملا اسرائيلي حملن جو تسلسل آهن ۽ خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي گهري پريشاني آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان حملي کي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي چيو ته ايران کي گڏيل قومن جي منشور تحت پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي.
هن چيو ته وڌيڪ ڇڪتاڻ سڄي خطي ۽ دنيا تي خطرناڪ اثر وجهي سگهي ٿي، عام شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ انتهائي ضروري آهي.
ترجمان زور ڏنو ته تڪرار جو فوري خاتمو لازمي آهي ۽ سڀئي ڌريون عالمي قانونن ۽ انساني همدرديءَ جي قانونن جي پاسداري ڪن.
ترجمان چيو ته ڳالهين ۽ سفارتڪاريءَ ذريعي ئي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا ۽ گڏيل قومن جي منشور مطابق بحران جو پرامن حل لازمي آهي.

جُون 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو