”ايران به افغانستان جيان آمريڪي غرور خاڪ ۾ ملائي ڇڏيندو“

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق آمريڪا جي ايران تي حملي کان پوءِ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ايران به افغانستان وانگر آمريڪي غرور کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيندو.
خواجا سعد رفيق چيو ته ايران تي اسرائيلي حملو آمريڪي- صيهوني سازش جو پهريون مرحلو هو ۽ هاڻ جنگ جي ٻئي مرحلي ۾ آمريڪا کليل نموني سامهون اچي ويو آهي.
هن دعويٰ ڪئي ته آمريڪا هاڻي مڪمل طور صيهوني طاقت هيٺ آيل رياست بڻجي چڪو آهي ۽ ان جا حڪمران پنهنجا نه پر صيهوني مفادن جا غلام بڻيل آهن، ڊونلڊ ٽرمپ کي اقتدار ۾ آڻڻ وارا هاڻ شرمسار ٿين.
سعد رفيق آمريڪا طرفان ايران تي حملي کي سخت ترين جارحيت ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي چيو ته آمريڪا ايران جي پرامن ايٽمي پروگرام کي هڪ ڪوڙو جواز بڻايو.
سندس چوڻ هو ته ايران جو ردعمل جرئت ۽ حڪمت تي ٻڌل هوندو ۽ ايران به افغانستان جيان آمريڪي غرور کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيندو، آمريڪي سامراج هن ڀيري به اڳ وانگر شڪست کائيندو.
خواجا سعد رفيق خبردار ڪيو ته جيڪڏهن جنگ بندي نه ٿي ته اها سڄي خطي کي متاثر ڪري سگھي ٿي.
هن زور ڏنو ته چين، روس ۽ مسلمان ملڪن کي گڏجي هڪ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، ٻي صورت ۾ چين ۽ روس عالمي فيصلا سازيءَ مان ٻاهر ٿي ويندا.

جُون 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو