ايران-اسرائيل جنگ: آمريڪا جي شرڪت ۽ پاڪستان جو ڪردار!….

Spread the love

ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ھلندڙ جنگ سان خطي جي امن لاءِ هڪڙو نئون بحران پيدا ٿيو آهي. اها جنگ رڳو ٻن ملڪن جي جنگ ناھي پر ان جي اثرن جو دائرو وچ اوڀر سميت سموري اسلامي دنيا تائين پکڙجڻ جو خطرو موجود آهي. اھڙي ڳنڀيرصورتحال ۾اسلامي ملڪن جي خاموشي ڳڻتي جوڳو عمل آھي ۽ اھڙي وقت ۾57 اسلامي ملڪن مان ھڪڙي ايٽمي ملڪ پاڪستان جي ڪردار تي نوان سوال جنم وٺي رھيا آهن، جڏھن آمريڪا جي صدر پاران پاڪستان جي آرمي چيف کي وائيٽ ھائوس جي دعوت ڏني وئي، انھيءَ ملاقات ۾ جيتوڻيڪ چيف آف آرمي اسٽاف پاران ايران –اسرائيل جنگ ۾ مضبوط ايران وارو موقف اختيار ڪيو ويو ۽ اھڙي جنگ تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي آمريڪا کي ايران خلاف جنگ ۾ نھ ٽپي پوڻ واري صلاح ڏني آھي. پاڪستان جيڪو اسلامي دنيا جو واحد ايٽمي ملڪ آهي ۽ بين الاقوامي فورمن تي فلسطين جي حمايت ڪندو رهيو آهي، جنھن جي قيمت اسراِئيل پاران کيس وقت بوقت ادا ڪرڻي پوندي رھي ٿي، ڇاڪاڻ تھ اسرائيل ھميشھ پاڪستان کي تباھ ڪرڻ لاءِ پاڙيسري ملڪ ھندستان جو سھارو وٺڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو آھي پر پاڪستان جي عسڪري قيادت پاران ٿيندڙ حملن جي اھڙي تھ موٽ ڏني وئي جو نھ رڳو ڀارت کي شڪست کائڻي پئي پر دنيا اندر ڀارت اڪيلائپ جو شڪار ٿيو. ان باوجود پاڪستان پنھنجي پائيدار حڪمت عملي سبب ايران جو ويجھو دوست ھئڻ باوجود ايران –اسرائيل جنگ ۾ جيتوڻيڪ اسرائيلي قدمن جي مذمت تھ ڪندو رھيو آھي، پر ايران سان سڌي طرح سان جنگ ۾ شامل ناھي ٿيو ۽ ايندڙ وقت م بھ شامل نھ ٿيندو. ھتي اسان اسرائيل جي وجود، ايران –اسرائيل جي جگھڙي جي مختصر تاريخ تي نظر وجھون ٿا تھ معلوم ٿئي ٿو تھ ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ تڪرار جي شروعات 1979ع دوران اسلامي انقلاب کان پوءِ ٿئي، جڏهن ايران پاران آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران بابت پاليسين جي سخت مخالفت ڪئي وئي. ۽ اسرائيل پاران موجود خطرن کان بچڻ لاءِ ايران طرفان حماس، حزب الله، ۽ ٻين مزاحمتي ڌرين جي حمايت ڪئي وئي، جڏهن ته تاريخ شاھد آھي تھ ھمشھ اسرائيل بنا ڪنھن سبب جي وچ اوڀر ۾شام، لبنان، لبيا، عراق ۽ ايشيا ۾ افغانستان تي بغير ڪنھن سبب جي جنگ ڪري کين غير مستحڪم ڪندو رھيو آھي. ان ڪري وچ اوڀر جي ملڪن پاران اڻ سڌي طرح سان سپر پاور آمريڪا جي خوف کان اسرائيل جي حمايت ڪئي ويندي رھي، انھيءَ دوران آمريڪا وچ اوڀر ۾ تيل، گيس جھڙي قدرتي ۽ ناياب شين تي ڌاڙا ھڻڻ لاءِ عرب ملڪن کي پاڻ ۾ ويڙھائڻ سميت عرب ملڪن کي ايران جي حوالي سان خوف زدھ ڪندي اتي پنھنجو پوليسنگ سسٽم بحال رکيو، جنھن جي رکوالي واري ذميواري وري اسرائيل حوالي ڪئي، ان ڪري اسرائيل ھميشھ ايران جي اسلامي انقلاب واري نظريي کي ختم ڪرڻ، پنھنجي غلام حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رھيو، جنھن ۾ نيٺ ڪامياب ٿيو ۽ اڻ سڌي طرح آمريڪا جي صلاح سان ايران تي حملو ڪيو، جنھن جي شروعات ۾ تھ دنيا سمجھي پئي تھ ايران بھ عراق وانگر تباھ ٿي رھيو آھي، پر ايران جي سپريم ليڊر جي بروقت ۽ دانشمندي واري فيصلي تحت شھيد ٿيل عسڪري قيادت جي متبادل طور تي مقرريون ڪري جڏھن اسرائيل تي حملي جي شروعات ڪئي تھ دنيا حيران رھجي وئي تھ سپر پاور آمريڪا، يورپ ۽ اولھھ جي مضبوط ۽ جديد جنگي ساز، سامان، انفارميشن شيئرنگ باوجود ايران جي مقابلي کان قاصر آھي ۽ شڪست کائي رھيو آھي، گذريل ھڪڙي ھفتي جي جنگ ۾ اسرائيل جي ملڪ جو تقريبن ٽيون حصو کنڊر بڻجي ويو آھي۽ عسڪري اداري جي عمارتن سميت ھٿيارن جون فيڪٽريون، ھوائي اڏا، سامونڊي بندرگاھ تباھ ٿي ويا آھن، خبرون اھي بھ آھن تھ اسرائيل پنھنجا ويڙھاڪ توڙي سفري ھوائي جھاز ممڪنھ تباھي کان بچڻ لاءِ ٻين ملڪن ڏانھن روانا ڪري ڇڏيا آھن ۽ پھرئين ڏينھن کان آمريڪا کي جنگ ۾ ٽپي پوڻ لاءِ اپيلون ڪندو پيو اچي، ان حوالي سان علائقائي، عالمي طاقتون آمريڪا کي اھڙي جنگ ۾ ٽپي پوڻ کان پاسو ڪرڻ جون صلاحون ڏئي رھي آھي، جڏھن تھ يورپ جي ٻھروپ ھجڻ واري اھا دعوا رھي آھي تھ؛ يورپ انسانيت جو علمبردار ۽ انساني حقن جو رکوالو آھي، جنھن تي پڻ ھاڻي ڪيترائي سوال اٿي رھيا آھن. ھتي اھو بھ واضع ڪرڻ گھرجي تھ ايران خلاف ايٽمي صلاحيت وارين اسرائيلي دعوائن کي اي اِي آءِ اي توڙي آمريڪا جي انٽيليجنس پاران مڪمل طور تي رد ڪيو ويو آھي، ان باوجود آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل جي حمايت ۾ اکيون ٻوٽي حملي ڪرڻ جون جيڪي ڌمڪيون ڏئي پيو، تنھن کي تقريبن سموري دنيا رد ڪندي موقف اختيار ڪري رھي آھي تھ جيڪڏھن آمريڪا ايران تي حملي ڪرڻ جي غلطي ڪري ٿو تھ پوءِ ان جا عالمي اثر سخت پوندا، تيل جون قيمتون، واپاري رستا ۽ سياسي اتحاد سڀ متاثر ٿي سگهن ٿا.ان کان سواءِ دهشتگردي جي نئين لهر پڻ جنم وٺي سگهي ٿي، جيڪا خاص طور تي اسلامي ملڪن کي وڌيڪ نقصان پهچائي سگهندي. اھڙي صورتحال ۾ ڏکوئيندڙ پاسو اھو آھي تھ اسلامي ملڪن طرفان پڻ اھڙي اهم مسئلي تي ڪوبھ مضبوط يا گڏيل موقف سامهون ناهي آيو، او آءِ سي جي خاموشي، عرب رياستن جا پنهنجا مفاد ۽ علائقائي تقسيم اسلامي اتحاد کي ڪمزور ڪري رهي آھي. اهڙي وقت ۾ مسلمان امت جي بي چيني ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رھيو آھي.
ھتي اسان حڪومت پاڪستان کي صلاح ڏينداسين تھ ايران اسان جو پاڙيسري ملڪ آھي، جنھن سڀ کان پھريون پاڪستان جي قيام جي حمايت ڪئي ھئي ۽ اسان جي بقا جو سلسلو پنھنجي علائقائي ملڪن سان آھي، ان ڪري ضرورت ان ڳالھھ جي آھي تھ ايران تي اڳرائي ڪندڙ اسرائيل خلاف اسلامي دنيا اندرفعال آواز بڻجڻ سميت او آءِ سي کي فعال ڪرڻ، گڏيل حڪمت عملي لاءِ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪرڻ، سفارتي سطح تي عالمي ضمير کي بيدار ڪرڻ وارين ڪوششن کي تيز ڪرڻ گھرجي، ساڳئي وقت پاڪستان کي پنهنجي سفارتي توازن، اندروني استحڪام ۽ معاشي حقيقتن کي به نظر ۾رکندي ٺوس قدم کڻڻ جي ضرورت آھي.

جُون 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو