ايران، اسرائيل، آمريڪا تڪرار: وزيراعظم سڀاڻي قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس گهرائي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سڀاڻي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو.
ذريعن موجب اجلاس ۾ اهم وفاقي وزيرن سميت عسڪري قيادت شريڪ ٿيندي، جنهن ۾ ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا تڪرار سميت ٻيا اهم معاملا غور هيٺ ايندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ خطي جي موجوده صورتحال، اندرين ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي معاملن تي غور ٿيندو.