اسرائيلي حملي ۾ ايراني ڪراٽي چيمپيئن شهيد

Spread the love

تهران (ويب ڊيسڪ) تازن اسرائيلي حملن ۾ ايراني صوبي لرستان سان واسطو رکندڙ ناليواري ڪراٽي رانديگرياڻي هيلينا غولامي شهيد ٿي وئي.
ايراني ڪراٽي فيڊريشن هيلينا غولامي جي شهادت جي تصديق ڪندي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
هيلينا غولامي نه رڳو ڪراٽي جي ماهر رانديگرياڻي هئي پر نوجوانن لاءِ هڪ رول ماڊل طور به سڃاتي ويندي هئي.
سندس شهادت تي سڄي ايران ۾ راندين سان سلهاڙيل حلقن ۾ سوڳ جي فضا ڇانيل آهي.

جُون 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو