آمريڪي حملا عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي آهن: وزيراعظم جي ايراني صدر سان گفتگو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ايران جي صدر مسعود پزشڪيان سان رابطو ڪري ايران تي آمريڪي حملن جي سخت مذمت ڪئي آهي.
ٽيليفونڪ گفتگو دوران وزيراعظم ايراني عوام ۽ حڪومت سان پاڪستان طرفان يڪجهتي جو ٻيهر اظهار ڪيو ۽ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي دلي ڏک جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي.
گفتگو دوران وزيراعظم چيو ته اهي حملا عالمي قانون جي سنگين ڀڃڪڙي آهن، هن گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت ايران جي بچاءَ جي حق جو ذڪر ڪيو ۽ امن جي لاءِ ترت ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ضرورت تي زور ڏنو.
مسعود پزشڪيان پاڪستان پاران ايران جي حمايت تي ساراهه ڪئي ۽ ايران جي عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جي اظهار تي وزيراعظم، پاڪستاني حڪومت، عوام ۽ عسڪري قيادت جا ٿورا مڃيا.
ٻنهي اڳواڻن مسلم امت وچ ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي به اتفاق ڪيو.

جُون 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو