گڏاپ ۾ 8 ڏينهن کان بجلي بند، پاڻيءَ جو بحران، رهواسين جو ڪي اليڪٽرڪ خلاف ڌرڻو ۽ نعريبازي
ملير (ڊر ) گڏاپ ۾ 8 ڏيهن کان بجلي بند پيئڻ جي پاڻيءَ جو بحران پيدا ٿي ويو رهواسين پاران گڏاپ سٽي روڊ تي ڌرڻو
گڏاپ جي ڪيترن ئي ڳوٺن جي گذريل 8 ڏينهن کان بند هجڻ خلاف گڏاپ سٽي روڊ تي شڪور گبول، حاجي قادر گبول، وقار ستار جوکيو، جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا خلاف نعريبازي
ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا رهتن جو سبب ڄاڻائي گڏاپ جي سوين ڳوٺن کي بجلي کان محروم ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب علائقي ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جو سنگين بحران پيدا ٿي ويو آهي جڏهن ته ڪاروبار سخت متاثر ٿي ويو آهي علائقي واسي سخت گرمي سبب پيئڻ جي پاڻيءَ کان محروم ٿي ويا آهن
گڏاپ سٽي، ڪاٺوڙ، صالح محمد جماڻي ڳوٺ، فقير محمد ڳوٺ، گاجان ڳوٺ ،بنديچا اسٽاپ، سميت سوين ڳوٺن جي بجلي بند پيل گرميءَ جي باوجود بجلي بحال نه ٿي سگهي آهي
بجليءَ تي هلندڙ واٽر سپلائي اسڪيمن جا موٽر بند پيل آهن ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي نوٽيس ورتو وڃي
احتجاج ڪندڙ جو وڌيڪ چوڻ هو ته
ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا بجليءَ جا بل ڀرڻ جي باوجود بجلي بند ڪري ڇڏي آهي بجلي بحال ڪئي وڃي
جُون 21, 2025