“ڊائن” جي زڪيا اداڪارا مهوش حيات جي ڀيڻ نڪتي!

پاڪستاني شوبز انڊسٽري ۾ اُڀرندڙ اداڪارا افشين حيات ناليواري اداڪارا ۽ ماڊل مهوش حيات جي وڏي ڀيڻ نڪتي.
جيو انٽرٽينمينٽ جي ڊرامي ’ڊائن‘ ۾ افشين حيات کي زڪيا جي ڪردار ۾ ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته مهوش حيات به ان ئي ڊرامي ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
مهوش حيات جيڪا 7 سالن کانپوءِ ننڍي اسڪرين تي واپس آئي آهي، مداحن جي وڏي موٽ حاصل ڪري رهي آهي، پر ڪيترائي ڏسندڙ اڃا تائين نٿا ڄاڻن ته زڪيا جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارا سندس ڀيڻ آهي.
افشين حيات 2022ع ۾ شوبز انڊسٽري ۾ داخل ٿي، جنهن کي انڊسٽري ۾ متعارف ڪرائڻ واري به سندس ئي ڀيڻ مهوش حيات هئي.
افشين جو ڊبيو ٽيلي فلم ’اجازت‘ ذريعي ٿيو، جنهن ۾ هوءَ مهوش سان گڏ نظر آئي.
جُون 21, 2025