ميلبورن اسٽارز حارث رئوف مان هٿ نه ڪڍڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو

ميلبورن (ويب ڊيسڪ) بگ بيش ليگ جي ٽيم ميلبورن اسٽارز جي جنرل مئنيجر ميڪس ايبٽ چيو آهي ته حارث رئوف ٽيم جو مداحن جو فيورٽ رانديگر آهي، تنهنڪري اسان کيس ڪاڏي به وڃڻ نه ڏنو ۽ نه ئي ڇڏينداسين.
ميلبورن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ميڪس ايبٽ چيو ته حارث رئوف نه رڳو شاندار فارم ۾ آهي، پر ٻين بالرن کي به هن وٽان سکڻ جو موقعو ملندو، ٽيم جا رانديگر ۽ مداح ٻئي کيس تمام گهڻو پسند ڪن ٿا.
هن ٻڌايو ته ڊرافٽ دوران ايڊيليڊ اسٽرائيڪرز جي چونڊ به واپس ڪئي وئي، ڇو ته اسان چاهيون ٿا ته حارث رئوف اسان جي ٽيم جو حصو رهي، هو هينئر پنهنجي ڪيريئر جي بهترين فارم ۾ آهي.
ميڪس ايبٽ چيو ته بگ بيش ليگ ۾ حارث رئوف ۽ بابراعظم وچ ۾ ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ (ايم سي جي) تي مقابلو ڏسڻ لاءِ بيحد پرجوش آهيون.
سندس چوڻ هوته حارث وٽ شايد بابر جي ڪجهه ڪمزورين بابت ڄاڻ هجي، تنهنڪري اسان اميد رکون ٿا ته هو شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندو.
هن چيو ته هتي ( آسٽريليا ۾) پاڪستاني ڪميونٽي تمام وڏي انگ ۾ رهندي آهي، سندن لاءِ پنهنجي پسنديده رانديگرن کي بي بي ايل ۾ کيڏندو ڏسڻ خوشيءَ جوڳو لمحو هوندو.
هن وڌيڪ چيو ته اهو بي بي ايل لاءِ به سٺو سنئوڻ آهي ته پاڪستان جا ٽاپ رانديگر ميگا ايونٽ ۾ وٺي رهيا آهن، جڏهن ته پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ بورڊز وچ ۾ مضبوط لاڳاپا به قائم ٿي چڪا آهن.
ميڪس ايبٽ چيو ته ميلبورن اسٽارز گذريل سال جي مومينٽم کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندي.