سيوهڻ ۾ محرم الحرام جي انتظامن بابت اسسٽنٽ ڪمشنر وقاص ملوڪ خٽڪ جي صدارت هيٺ اهم اجلاس

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ : محمد صفر ايم سيوھاڻي) سيوهڻ شريف ۾  محرم الحرام جي انتظامن بابت اسسٽنٽ ڪمشنر سيوهڻ وقاص ملوڪ خٽڪ جي صدارت ۾ اهم اجلاس سيد عبدالله شاھ انسٽيٽيوٽ اسپتال سيوھڻ جي ھال ۾ سب ڊويزن سيوھڻ جي مختلف کاتن جي عملدارن سان محرم الحرام جي مھيني بابت ھڪ اھم اجلاس ٿي گذريو،

جنھن ۾ سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر معين الدين صديقي سميت سب ڊويزن سيوھڻ جي مقامي انتظاميہ جي آفيسرن ۽ ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ ۽ ٽائون ڪاميٽي ڀان سيدآباد جي انتظاميہ  سميت يونين ڪائونسل جي سيڪريٽرين سميت آفيسرن شرڪت ڪئي، اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ وقاص ملوڪ ھن اجلاس ۾ سب ڊويزن جي آفيسرن کي مخاطب ٿيندي چيو تہ محرم الحرام ۾ صفائي سٿرائي،

جلوسن جي روٽن کي صاف سٿرو ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ سميت سڪيورٽي جي انتظامن کي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ھن وڌيڪ چيو تہ محرم الحرام دوران سهولتن جو جائزو وٺڻ لاءِ آء پاڻ ماتمي جلوسن جي روٽن جي نگراني ڪندس ۽ موجود هوندس، جڏھن محرم الحرام جي جلوسن جي رستن تان انڪروچمنٽ ھٽائي. وڃي،ماتمي جلوسن جي رستن تي روشني جو بندوبست پڻ ڪيو وڃي.

جُون 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو