گڏاپ ٽائون ۾ محرم الحرام جي انتظامن بابت اجلاس، عزادارن لاءِ سهولتن کي يقيني بڻائڻ جو عزم

Spread the love

ملير (ڊر ) ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن گڏاپ جي چيئرمين طارق عزيز بلوچ ۽ ميونسپل ڪمشنر احمد يار جي صدارت هيٺ محرم الحرام جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اهم اجلاس ٿيو۔ اجلاس ۾ محرم الحرام جي جلوسن جي روٽن، مجلسن جي جڳهن، صفائي سٿرائي، اسٽريٽ لائيٽس، نيڪاسي آب، ۽ ٻين شهري سهولتن بابت تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو۔

ان موقعي تي سپرنٽينڊنٽ انجنيئر (ايم اينڊ اي) نور علي جمالی ۽ اي اي اي وسيم آرائين اسٽرٽ لائيٽس، جنريٽرن ۽ بجلي جي ٻين سهولتن بابت بريفنگ ڏيندي خاطري ڪرائي ته گڏاپ ٽائون جي حدن اندر سڀني اهم جڳهن تي روشني جا مڪمل انتظام ڪيا ويندا، ۽ جيڪڏهن ڪنهن به جاءِ تي ڪا خرابي پيش اچي ته فوري طور تي ريسپانس ٽيمون مقرر ڪيون وينديون۔

ڊائريڪٽر سينيٽيشن اشرف بلوچ ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر سينيٽيشن محمد افضل لغاري صفائي سٿرائي بابت تفصيل ڏيندي ٻڌايو ته جلوسن جي روٽن ۽ امام بارگاهن جي چوڌاري خاص صفائي جا انتظام ڪيا پيا وڃن، ۽ چون جي ڇڙڪاءُ ۽ اسپري جو ڪم به وقت سر مڪمل ڪيو ويندو۔

چيئرمين طارق عزيز بلوچ سڀني لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته محرم الحرام دوران عوام کي هر ممڪن سهولتون مهيا ڪيون وڃن، ۽ پاڻ ۾ رابطي ذريعي هڪ جامع ۽ سرگرم نظام ترتيب ڏنو پيو وڃي۔ هن چيو ته محرم الحرام جو مهينو اسان کي صبر، ايثار، قرباني ۽ حق جي راهه تي ثابت قدمي جو سبق ڏي ٿو۔ امام حسينؑ ۽ سندن ساٿين جون لازوال قربانيون انسانيت لاءِ مشعلِ راهه آهن۔ هي مقدس مهينو اسان کي اتحاد، ڀائيچاري ۽ برداشت جي جذبي کي هٿي وٺرائڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو۔

هن وڌيڪ چيو ته ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن گڏاپ پاران محرم الحرام جي دوران هر ممڪن انتظام کي يقيني بڻايو پيو وڃي ته جيئن عزادارنِ امام حسينؑ کي ڀلاري سهولتن جي فراهمي پرامن ماحول ۾ مهيا ڪري سگهجي۔

ميونسپل ڪمشنر احمد يار چيو ته محرم الحرام جي ان مقدس مهيني ۾ سڀ لاڳاپيل عملدار پنهنجي ذميوارين سان پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته جيئن عزادارنِ امام حسينؑ کي ڪنهن به تڪليف جو منهن نه ڏسڻو پوي۔

ان موقعي تي سپرنٽينڊنٽ انجنيئر (ايم اينڊ اي) نور علي جمالی، ڊائريڪٽر سينيٽيشن اشرف بلوچ، ڊائريڪٽر انفارميشن رضوان صابر، ڊائريڪٽر پراپرٽي سهيل يار خان، ڊپٽي ڊائريڪٽر سينيٽيشن محمد افضل لغاري، اي اي اي وسيم آرائين، اسسٽنٽ انفارميشن شاه محمد شاه، انچارج سينيٽيشن علي پلیجو، پي ايس چيئرمين لعل جان نبي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا۔

جُون 20, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو