ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو پاران سيوهڻ جو دورو، ترقياتي منصوبن جو جائزو

Spread the love

سيوھڻ ( رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي) ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري  پاران سيوهڻ ڊولپمينٽ پلان جي ايندڙ منصوبن جو جائزو وٺڻ لاءِ سيوهڻ جو دورو ڪيو، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي هدايتن تي تعلقي سيوهڻ ۽ شھر سيوھڻ  جي نئين ترقياتي منصوبن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري، ھاء وي،

پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ، ميونسپل ڪاميٽيءَ جي لاڳاپيل آفيسرن ۽ انجنيئرن سان گڏجي سيوهڻ جو دورو ڪيو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو چيو ته وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي هدايتن تي لاڳاپيل آفيسرن سان گڏ سيوهڻ پهتا آهيون،

 هن چيو ته سيوهڻ شهر جي خوبصورتي  بحال ڪرڻ لاءِ ‘سيوهڻ ڊولپمينٽ پلان’ تحت شهر جا روڊ ڪشادا ڪيا ويندا، انڪروچمنٽ هٽائڻ، واٽر سپلائي لائينون ۽ ڊرنيج جو نظام درست ڪيا ويندو، ڪاليج روڊ کان بودلي بھار تائين ڊبل روڊ تعمير ڪيو ويندو، بودلي بھار کان سيوهڻ درگاهه تائين حد دخليون ختم ڪري پيور روڊ ۽ ماربل لڳايا ويندا،

هن چيو ته سيوهڻ جي تاريخي قلعي جي مرمت جو ڪم به شروع ڪيو ويندو، جيڪو هڪ مهيني اندر شروع ٿي ويندو، هن وڌيڪ چيو ته وزيراعليٰ سنڌ سيوهڻ جي واسين ۽ زائرين کي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا آهن ۽ جلد ئي سيوھڻ شهر کي خوبصورت بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين، ان کان علاوه، ڊي سي ڄامشورو سيوهڻ ٽنڊو شهبازي  پل جي تعميراتي ڪم جو به جائزو ورتو،

ھن دوري دوران چيف انجنيئر پبلڪ ھيلٿ حيدرآباد شفيق ميمڻ، سپرينٽينڊنٽ انجنيئر ورڪس اينڊ سروسز عبدالعليم ميمڻ،اسسٽنٽ ڪمشنر سيوهڻ وقاص ملوڪ، سپرينٽينڊنٽ انجنيئر پراونشل ھائيوي عبدالسلام ميمڻ، ايڪس اي اين پبلڪ ھيلٿ فيصل آفتاب ايڪس اي اين ھائيوي دادو نور محمد ڦل، ايڪس اي اين علي اصغر ٽڳڙ اسٽاف آفيسر مظھر پنھور ۽ مختيار ڪار سيوهڻ سميت ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا.

جُون 20, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو