ڀارت ۾ ”فحش مواد“ پوسٽ ڪرڻ جي الزام ۾ انفلوئنسز قتل، ٻين کي به موتمار ڌمڪيون

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست پنجاب ۾ سوشل ميڊيا انفلوئنسر ڪنچن ڪُماري عرف ”ڪمل ڪور ڀاڀي“ جي قتل کانپوءِ رياست ۾ سوشل ميڊيا تي مواد ٺاهيندڙ ڪيترن ئي مردن ۽ عورتن کي به مارڻ جون ڌمڪيون ملڻ لڳيون آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب 11 جون تي بٺنڊا ۾ هڪ ڪار مان ڪنچن ڪُماري جو لاش هٿ آيو، جنهن کان پوءِ پوليس ان واقعي ۾ 32 ۽ 21 ورهين جي ٻن سِک نوجوانن کي گرفتار ڪري ورتو.
بٺنڊا پوليس جي سربراهه امنيت ڪونڊل ٻڌايو ته ان واقعي جو مک جوابدار امرت پال سنگھه مهرون آهي، جيڪو هن سازش جي رٿابنديءَ کان وٺي ان جي انجام تائين هر مرحلي ۾ شامل هو.
پوليس موجب لڳي ٿو ته جوابدار کي ڪنچن ڪُماري جي سوشل ميڊيا تي موجود مواد تي اعتراض هو، جنهن کي هو ٻه معنائون رکندڙ ۽ فحش قرار ڏيندو هو.
سوشل ميڊيا تي موجود وڊيوز ۾ امرت پال سنگھه جي سوشل ميڊيا انفلوئنسرز پاران تيار ڪيل مواد تي ناراضگي ڏسي سگهجي ٿي ۽ چوي ٿو ته اهڙو مواد پنجاب جي روايتن جي ابتڙ آهي.
ڪنچن ڪُماري جي قتل کانپوءِ امرت پال سنگھه مهرون ان جو جواز پيش ڪندي وڊيوز پوسٽ ڪيون ۽ پنجاب جي ٻين انفلوئنسرز کي به ڌمڪيون ڏنيون.
هڪ وڊيو ۾ امرت پال سنگھه مهرون نوجوانن جي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل مواد کي غيراخلاقي قرار ڏيندي چيو ته اهو نسلن جي تربيت جو سوال آهي، ٻار ڇا سمجهندا ته اسان جا وڏا ائين اگهاڙا هوندا هئا.
هن چيو ته ڪنچن ڪُماري جو قتل ست سال اڳ ٿي وڃڻ کپي ها، اسان نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي پيار سان سمجهايون پيا پر جيڪڏهن اهڙو مواد ٻيهر سامهون آيو ته مارڻ کان به نه ڪيٻائينداسين.
پوليس موجب امرت پال سنگھه امرتسر ايئرپورٽ يو اي اي فرار ٿي ويو آهي.
ڪمل ڪور جي قتل جي پنجن ڏينهن کانپوءِ پنجاب پوليس امرت پال سنگھه مهرون خلاف امرتسر ۾ رهندڙ سوشل ميڊيا انفلوئنسر ديپيڪا لوٿرا کي قتل جي ڌمڪي ڏيڻ تي نئون ڪيس داخل ڪيو آهي.
30 ورهين جي ڪنچن ڪُماري پنهنجا سوشل ميڊيا اڪائونٽ ”ڪمل ڪور ڀاڀي“ جي نالي سان هلائيندي هئي، انسٽاگرام تي سندس چئن لکن کان وڌيڪ فالوئرز ڪندڙ هئا، جڏهن ته هوءَ ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي به سرگرم هئي.