غريب ماڻهو اڄ به بنيادي سهولتن کان محروم آهن: آصفه ڀٽو

Spread the love

اسلام آباد(ويب ديڪس) قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث ڪندي خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري چيو ته بجيٽ کي حقيقي معنيٰ ۾ عوامي ۽ وفاقي هجڻ گهرجي ته جيئن ملڪ جي پسمانده ۽ غريب طبقن تائين وسيلن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائي سگھجي، هن چيو ته پاڪ فوج ملڪ جو دفاع ڪيو ۽ بلاول ڀٽو زرداري عالمي سطح تي شاندار نمائندگي ڪئي، هن چيو ته ملڪي بجيٽ بنيادي طور مالي معاملن سان لاڳاپيل هوندي آهي،

جڏهن ته ملڪ جا غريب ماڻهو بنيادي سهولتن کان محروم آهن، 44 سيڪڙو ٻار خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن ۽ تعليم جي بجيٽ ۾ اضافو قومي هنگامي حالتن تحت ٿيڻ گهرجي، هن سولر پينلز تي ٽيڪس کي اجايو قرار ڏنو ۽ چيو ته اها شرمناڪ ڳالهه آهي ته 2025 ۾ به ملڪ جو وڏو حصو بجلي کان محروم آهي، هن ماحولياتي تبديلي جي اثرن، خاص طور تي سنڌ ۾ سخت هجڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته 21 لک گهرن کي تازين برساتن سان نقصان رسيو، جنهن سان وڏي پيماني تي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو.

جُون 20, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو