سکر پوليس جي ڪامياب ڪارروائي، 8 چوري ٿيل موٽر سائيڪلون هٿ

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) ايس ايس پي سکر اظھر خان جي ھدايت تي سکر پوليس پاران ڏوھارين خلاف ڪامياب ڪارروائيون جاري آھن. ترجمان سکر پوليس پاران جاري ڪيل بيان مطابق،

سکر پوليس مختلف هنڌن تي انٽيليجنس بنياد تي ڪامياب ڪارروائيون ڪري شھر مان چوري ۽ ڦر ٿيل 08 موٽر سائيڪلون هٿ ڪري ورتيون ۽ 2 جوابدار گرفتار ڪيا ويا.ھٿ آيل موٽر سائيڪلون شھر جي مختلف علائقن مان شهرين کان چوري ۽ ڦر ڪيل هيون،

جيڪي اصل مالڪن حوالي ڪيون ويون آھن. موٽر سائيڪلون واپس ملڻ تي مالڪن ايس ايس پي سکر اظھر خان جو شڪريو ادا ڪيو ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار پڻ ڪيو.ٻئي پاسي ايس ايس پي سکر اظھر خان پوليس ٽيم جي بھترين ڪارروائين تي شاباس جو پيغام ڏنو آھي.

جُون 20, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو