دادو ۾ ڦر دوران پوليس اهلڪار قتل، ڏوهارين هٿان مزاحمت تي فائرنگ
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو ڀرسان سيوهڻ لنڪ روڊ تي نولکو اسٽاپ وٽ ڦر دوران مزاحمت تي پوليس اهلڪار ذوالفقار علي پنهور مارجي ويو، پوليس ذريعن موجب شهيد اهلڪار ڊيوٽي ختم ڪرڻ بعد صبح سوير خداآباد ٿاڻي تي سرڪاري اسلحو جمع ڪرائڻ وڃي رهيو هو ته نولکو اسٽاپ وٽ ٽڊي ۾ سوار هٿياربندن کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. مزاحمت ڪرڻ تي حملو ڪندڙن ڏوهارين کيس گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو،
سرڪاري رائفل ۽ موبائل فون ڦر ڪري موٽر سائيڪل ڇڏي فرار ٿيڻ ٿي ويا، اطلاع تي خداآباد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي پنهنجي پٽي ڀائي جو لاش دادو جي ڊي ايڇ او اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي،ان کان اڳ ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ بعد لاش وارثن کي نه ملڻ تي وارثن جو ايس ايس پي خلاف سخت رد عمل ايس ايس پي دادو امير سعود مگسي جي پهچڻ کان اڳ لاش وارثن حوالي ڪرڻ کان پوليس کي منع ڪري ڇڏيو هو،
واقعي کان پوءِ ڪجهه ڪلاڪن بعد ايس ايس پي دادو ڪيپٽن امير سعود مگسي به واقعي واري هنڌ پهتو، جتي هن تفصيل ورتا ۽ مقتول جي وارثن سان ملاقات ڪري انصاف جي پڪ ڏني آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته پوليس چواڻي ته واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو، ٻئي طرف سياسي سماجي شهرين پاران واقعي جي سخت لفظن ۾مذمت ڪئي وئي، سڄاڻ.
حلقن جو چوڻ آهي ته دادو ضلعي ۾ ايس ايس پي دادو بدامني روڪڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي، ڦرون، چوريون، ڌاڙا، روز جو معمول بڻيل آهن، پوليس آفيسر هٿ وٺي ڏوهه ڪرائي رهيا آهن، ان ڪري ڏوهاري ديدادليري سان سرعام ڏينهن هجي يا رات بغير خوف جي ڏوهاري سرگرميون جاري رکيو پيا اچن، شهرين، واپاري تنظيمن ايس ايس پي دادو کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي،
جُون 20, 2025