دادو ۾ ايس ٽي آر ڀرتين ۾ ناانصافي خلاف بي روزگار نوجوانن جو احتجاج: تعلقو دادو ماٽيلي ماءُ جي سلوڪ جو شڪار،
دادو (رپورٽر )آءِ بي اي پاس اميدوارن سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ، ايس ٽي آر جي ڀرتين ۾ دادو کي نظرانداز ڪرڻ خلاف احتجاج دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو ۾ بي روزگار نوجوانن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي ايس، ٽي آر تحت ٿيندڙ استادن جي ڀرتين ۾ دادو سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ تي تعلقي دادو ۾ 650 کان وڌيڪ پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي جون سيٽون خالي هجڻ باوجود ايڊيشنل سيٽن جي ورهاست ۾ صرف 53 جي ايس ٽي جون سيٽون ڏنيون ويون آهن،
جڏهن ته دادو جا ٽي ٻيا تعلقا، ڪي اين شاه، جوهي، ميهڙ مڪمل طور تي ڪلئير ڪيا ويا آهن، مقامي شهرين، مظاهرين نوجوانن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن جو چوڻ آهي ته دادو تعلقي سان هي ناحق سلوڪ چونڊيل نمائندن جي نااهلي ۽ خاموشي جو نتيجو آهي. هنن الزام لڳائندي چيو ته ايم اين اي رئيس رفيق احمد جمالي سن، جوهي، ۽ پنهنجي من پسند علائقن کي ڪلئير ڪرائي، دادو جي بنيادي حقن تي ڌاڙو هنيو ذريعن موجب، STR جي موجوده عمل ۾ ڪيترن ئي اهم بي ضابطگين جا خدشا به ظاهر ڪيا ويا آهن.
ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته تعلقي دادو جي PST ۽ JEST سيٽن جو انگ ڄاڻي واڻي گهٽ ڏيکاريو ويو آهي جوهي ۾ مردن جون سيٽون فيميل کي ڏيڻ جا امڪان موجود آهن،
جيڪو قانوني لحاظ کان سخت تڪراري آهي ڪجهه اميدوارن کي هٿرادو اضافي B.Ed جا مارڪس ڏئي پئسن عيوض نوڪرين ڏيڻ جون ڳالهيون پڻ سامهون اچي رهيون آهنباميدوارن کي ڏنل آفر يا اپائنٽمينٽ آرڊر جي لسٽن ۾ مارڪس ظاهر نه ڪرڻ به هڪ بدنيتي ۽ رشوت جي بوءِ ڏئي ٿو ان صورتحال تي بي روزگار نوجوانن ۽ سندن والدين سخت مايوسيءَ جو اظهار ڪندي اعليٰ اختيارين،
خاص ڪري DEO ۽ TEO دادو کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي تعلقي دادو جي حقن جي بحالي لاءِ قدم کنيا وڃن، جيئن سمورن اميدوارن سان برابري جو سلوڪ ٿي سگهي احتجاج ڪندڙ نوجوانن جو مطالبو آهي ته سندن حقن تي ڌاڙو نه هنيو وڃي ۽ ڀرتين جو عمل شفاف، صاف ۽ سياسي مداخلت کان پاڪ هجي
جُون 20, 2025