”جنگ علائقائي سطح تائين پکڙي سگهي ٿي“، روس ايران– اسرائيل ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ ڪري ڇڏي

Spread the love

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس جو چوڻ آهي ته هو ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ٽياڪڙي ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
ڪريملن جي ترجمان دمتري پيسڪوف جمعي ڏينهن خبردار ڪيو آهي ته وچ اوڀر عدم استحڪام ۽ جنگ جي ڌٻڻ ۾ لهڻ لڳو آهي.
هن چيو ته ماسڪو هن صورتحال بابت سخت ڳڻتي ۾ مبتلا آهي ۽ ٽياڪڙي لاءِ تيار آهي.
روس، جنهن جا ايران ۽ اسرائيل ٻنهي سان لاڳاپا آهن، آمريڪا تي زور ڏنو آهي ته هو ايران تي حملو نه ڪري ۽ تهران جي جوهري پروگرام بابت پيدا ٿيل بحران جو سفارتي حل ڳولي.
هڪ پريس ڪانفرنس دوران جڏهن پيسڪوف کان پڇيو ويو ته ڇا موجوده صورتحال ۾ روس جي ڪا ”ريڊ لائين“ آهي؟ ته هن چيو ته خطي جي ملڪن جون پنهنجون پنهنجون حدون هئڻ گهرجن.
پيسڪوف خبردار ڪيو ته خطو عدم استحڪام ۽ جنگ جي ڌٻڻ ۾ لهندو پيو وڃي ۽ اها جنگ علائقائي سطح تي پکڙي سگهي ٿي، جنهن جا اڻڄاتل ۽ خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا.
هن چيو ته اهو خطو روس جي سرحدن جي ويجهو آهي، جيڪو ماسڪو لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي رهيو آهي.
پيسڪوف وڌيڪ چيو ته موجوده حالتن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته اسرائيل ايران خلاف فوجي ڪارروائي جاري رکڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته روس اسرائيل، آمريڪا ۽ ايران سان رابطن جون لائينون کليل رکيون آهن.
هن اهو به چيو ته اها اڳڪٿي ڪرڻ مشڪل آهي ته صدر ولاديمير پوتن جي ٽياڪڙي واري آڇ قبول ڪئي ويندي يا نه پر ماسڪو چاهي ٿو ته تڪرار جلد ختم ٿئي ۽ سفارتڪاري طرف واپسي ٿئي.
ٻئي پاسي، فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون به پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ڇڪتاڻ دوران شهرين ۽ شهري اڏاوتن تي حملا بند ٿيڻ گهرجن.
هن تهران تي به زور ڏنو ته هو پنهنجي جوهري پروگرام بابت ڳالهين جي ميز تي واپس اچڻ لاءِ راضپو ڏيکاري.
هوڏانهن، ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي اڄ جنيوا ۾ جرمني، برطانيا ۽ فرانس جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقاتون ڪندو.

جُون 20, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو