ڇور: وڌندڙ چورين خلاف شھرين جو ڇور پريس ڪلب آڏو احتجاج، پوليس جي خاموشي تي سخت تنقيد، ڪارروائي جو مطالبو

Spread the love

ڇور ( رپورٽ : لالجي سوڍو)  ڇور شھر ۾ چورين آزار وڌي وڃڻ ۽ پوليس طرفان ڪابـ ڪاروائي نه ڪرڻ خلاف ڇور جي سماجي آڳواڻن ۽ شھرين ڇور پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪندي عمر اعجاز نھڙي , رب نواز ڪنڀر , نظر  علي , ڪامريڊ رميش ,  يوسف علي احمد علي  ۽ ٻين چيو ته ڇور شھر ڪاروبار جي حوالي سان ھميشه پر امن شھر رھيو آھي پر گذريل ھڪ ھفتي دوران ڏينھن ڏٺي جو ٻن شھرين جا موٽر سائيڪل چوري ٿيا آھن

ان کانسواء چئن دڪاندارن جا تالا ٽوڙيا ويا جڏھن تـ  سولر پليٽون  بيٽريون , ۽ پاڻي جاروٽر  چوري ٿيڻ روزانو جو معمول بڻيل آھن  جنھن ڪري شھري توڙي ڪاروبار ڪندڙ دڪاندار سخت پريشان آھن ھنن چيو ته بار بار ڇور پوليس کي چورين جو اطلاع ڏيڻ باوجود خاموش آھي

اسان ايس ايس پي عمرڪوٽ کان اپيل ڪريون ٿا فورن چورن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري چور ٿيل موٽر سائيڪل واپس ڪرايا وڃن ۽ ڇور شھر اندر ڊيوٽي ڪندڙ پوليس اھلڪارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي  ٻئي صورت ۾ شھر ۾ ھڙتال جو سڏ ڏنو ويندو

جُون 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو