ڀان سيدآباد ۾ سولنگي ۽ ٻگهيو برادري ۾ خوفناڪ جهيڙو، 23 ڄڻا زخمي، ٽي ڄڻا نازڪ حالت ۾، واٽهڙو به متاثر

Spread the love

سيوھڻ  (رپورٽ :  محمد صفر ايم سيوھاڻي)  سيوھڻ تعلقي جي ٻئين نمبر وڏي شھر ڀان سيدآباد ۾ گذريل رات سولنگي ۽ ٻگهيہ برادري ۾ ٿيل جهيڙي ۾ زخمين جو تعداد 23 ٿي ويو، ٽن ڄڻن جي حالت انتهائي نازڪ ٻڌائي پئي وڃي،  زخمين ۾ ٻگهيہ برادري جا 9 ماڻهو ۽ سولنگي برادري جا 13 ماڻهو شامل آھن،

ھن جھيڙي ۾ هڪ واٽهڙو پڻ زخمي ٿي پيو آھي،  ٻگهيہ ڌر جي زخمين  ۾ اشفاق ٻگهيو، الهداد ٻگهيو، خان محمد ٻگهيو، اسدالله ٻگهيو، فريد ٻگهيو، رضا محمد ٻگهيو،پرويز ٻگهيو، سهراب ٻگهيو ۽ مظهر ٻگهيو شامل آھن ، زخمين ۾ هڪ واٽهڙو وحيد چنا بہ شامل آھي، سندس حالت انتهائي خطري ۾ کيس کي لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو ويو آھي، جڏھن تہ سولنگي ڌر جي زخمين ۾ اسماعيل سولنگي،

وحيد سولنگي، گلزار سولنگي، اعجاز سولنگي، غلام نبي سولنگي، عبدالله، زيدالله، آصف، زوهيب، ظهير، فهيم، محمد سليم سولنگي ۽ جنيد شامل آھن، سمورا زخمي سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز سيوهڻ ۾ زير اعلاج آھن، ھن واقعي جو اڃا تائين ڪيس داخل نہ ٿي سگهيو آھي  نہ ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي،

  ايس ايڇ او ڀان سيدآباد جو چوڻ آھي ته ٻئين ڌريون ٿاڻي تي نه پھتيون آھن جي آيون ته پوء ٻنهي ڌرين جي زخمين جو ڪيس داخل ڪيو ويندو، ۽ ڀان سيدآباد جي شهر جو امن خراب ڪرڻ جي سازش ناڪام بڻائينداسين، ڪنهن کي بہ فائرنگ ڪرڻ نہ ڏينداسين.

جُون 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو